ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن آفيسرن جون بدليون، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽنڊو محمد خان جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر اعجاز جتوئي کي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشورو مقرر  ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي ڏکڻ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالرزاق راھپوٽو کي بينظير آباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جاويد ھاليپو ٽو کي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايم اينڊ آءِ حيدرآباد، عمران حسن ڏاوچ کي ميرپور خاص  ۽ نعيم عباسي کي ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر زون  مقرر  ڪيو ويو ، هوڏانهن اظھر خان کي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪراچي ويسٽ زون ۽  رياض لغاري کي ايسٽ زون مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر ھيڊ ڪوارٽر عبدالقادر  سومرو ۽ خادم راڄپر کي ايس اينڊ جي اي ڊي رپورٽ ڪرڻ  جي ھدايت ڪئي وئي، هوڏانهن محمد عثمان عبدالله کي ڊپٽي سيڪريٽري انڪوائريز مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ۾ مقرر پوليس آفيسر خالد حسين مخدوم کي به پنهنجي اصل کاتي يعني سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي