سائفر ذريعي آمريڪي سازش بابت عمران خان جو الزام  ڪوڙ تي ٻڌل آهي:  ڊونلڊ لو جو آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي آڏو بيان

0
76
سائفر ذريعي آمريڪي سازش بابت عمران خان جو الزام  ڪوڙ تي ٻڌل آهي:  ڊونلڊ لو جو آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي آڏو بيان
سائفر ذريعي آمريڪي سازش بابت عمران خان جو الزام  ڪوڙ تي ٻڌل آهي:  ڊونلڊ لو جو آمريڪي ايوان نمائندگان جي ڪميٽي آڏو بيان

ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪي اسسٽنٽ سيڪريٽري پاران سائفر سازش بابت پي ٽي آءِ باني جا الزام رد ڪيا ويا آهن

ڊونلڊ لوُ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ سندس آفيس جو ڪوبه ڪردار ناهي، پي ٽي آءِ باني جا الزام ۽ سازش جو نظريو ڪوڙ تي ٻڌل آهن

هن چيو ته پاڪستاني سفير اسد مجيد به تصديق ڪري چڪو آهي ته سائفر الزام ڪوڙو آهي، پي ٽي آءِ باني جي ڪوڙن الزامن سبب گذريل ٻن سالن ۾ کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون

هن چيو ته آمريڪا پاڪستان ۾ ڪنهن خاص حڪومت جي حمايت نٿو ڪري، پاڪستان جي خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، اِن اصول جو به احترام ڪريون ٿا ته پاڪستاني عوام کي حق آهي ته پنهنجا نمائندا چونڊي

آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ڪميٽي آڏو بيان ڏيندي ڊونلڊ لو چيو ته چونڊن ۾ بي ضابطگين جي شڪايتن کي ڏسڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، چاهيون ٿا اليڪشن ڪميشن شفاف طريقي سان ذميوارن جو احتساب ڪري، اسان به چونڊن ۾ بي ضابطگين جي جاچ کي غور سان ڏسي رهيا آهيون

طالبان کان افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملا روڪڻ جو مطالبو

ڊونلڊ لو پاران طالبان کان افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ ٿيندڙ حملا روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

آمريڪي نمائندي ڊونلڊ لو چيو آهي ته افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ حملا ٿي رهيا آهن، سڀ کان وڏو حملو ڇنڇر تي ٿيو، جنهن ۾ 7 فوجي شهيد ٿي ويا، ڪجهه سالن کان بلوچستان ۽ ڪي پي اندر دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي

هن چيو ته اسان جو اهم مقصد آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيندڙ پاڪستاني عوام جي مدد ڪريون

افغان طالبان کان مطالبو ڪريون ٿا ته پنهنجي سرزمين تان پاڪستان ۾ حملا روڪي

 آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي ڪميٽي آڏو مختلف سوالن جا جواب ڏيندي ڊونلڊ لو چيو ته پاڪستان وڌندڙ قرضن جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان کي معاشي سُڌارن ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي