ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ۾ تيزي: 281.5 رپين تي پهتو: سون 500 رپيا مهانگو: اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 34 ڪروڙ شيئر وڪرو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 500 رپيا اضافي سان 227300 مان 227800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 5 ڊالرن جي اضافي سان 2178 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2600، پائونڊ356.5 ۽ يورو 304.5 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي طرف ڊالر اوپن ماڪيٽ ۾ 50 پئسا واڌ سان 281 مان 281.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 23 پئسا لاٿ سان 278.41 رپين تي بند ٿيو، هوڏانهن اسٽاڪ مارڪيٽ 229 پوائنٽن جي واڌ سان 65731 پوائنٽن تي پهتي، ڪالهه 11 ارب 84 ڪروڙ رپين جي 34 ڪروڙ 18 لک شيئرز جو واپار ٿيو ، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن  26 ارب جي واڌ سان 9288 ارب رپين تي پهتي.