لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ قائم 10 کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽور رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي لاڀ ڏئي نه سگهيا،يوٽيلٽي اسٽور انتظاميا لنڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي شهرين کي کاڌي خوراڪ ۽ عام واهپي جون شيون فراهم ڪري نه سگهي. شهرين چيو ته وفاقي حڪومت ڀلاري مهيني ۾ کاڌ خوراڪ توڙي عام واهپي جي شين گيهه، تيل، کنڊ، چانهه پتي، دال سميت ٻين واهپي جي شين ۾ 10 کان 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪري يوٽيلٽي اسٽورن جي ذريعي رمضان سبسڊي پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو يوٽيلٽي اسٽور انتظاميا لنڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي سامان نه ٿو ڏنو وڃي. هنن وزيراعظم سميت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي شهرين کي يوٽيلٽي اسٽورن جي ذريعي سبسڊي فراهم ڪيون وڃن. ٻئي طرف يوٽيلٽي اسٽور جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته لنڪ ڊائون ٿيڻ جي ڪري ڪمپيوٽر ۾ ريٽ لسٽ نه اچڻ جي ڪري کاڌ خوراڪ ۽ عام واهپي جي شين جي وڪري کي عارضي روڪي ڇڏي آهي، سروس ٺيڪ ٿيڻ بعد شين جي وڪري ۽ فراهمي کي يقيني بڻائي ويندي.