وزير اعظم جي چونڊ: شهباز شريف ۽ عمر ايوب ميدان ۾ لٿل

0
44

نوازليگ ۽ اتحادي جماعتن پاران وزارت عظميٰ لاءِ نامزد اميدوار شهباز شريف جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا

شهباز شريف خلاف سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار عمر ايوب ميدان ۾ لٿل آهي

اسحاق ڊار، خورشيد شاهه، طارق بشير چيما، عون چوڌري ۽ خواجا آصف پاران قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ شهباز شريف جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا

سني اتحاد ڪائونسل پاران به عمر ايوب جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا

نئين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، گذريل ڏينهن وزيراعظم جي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو هو