آصف زرداري کي صدر بڻائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کان به ووٽ وٺنداسين: مراد علي شاهه

0
54

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آصف زرداري کي صدر بڻائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کان به ووٽ وٺنداسين، ايم ڪيو ايم سان اسان جو پراڻو تعلق رهيو آهي

آصف زرداري جا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته هنن جي پارٽيءَ جي لائين ڇا آهي

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڌانڌلي جي حوالي سان واضح ڪري چڪو آهي، سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڌانڌلين بابت خدشا موجود آهن

 

 

آصف زرداريءَ جي مقابلي ۾ محمود خان اچڪزئي صدارتي اميدوار نامزد