اياز صادق ٽيون ڀيرو اسپيڪر قومي اسيمبلي، مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو، سني اتحاد جو گوڙ، وزيراعظم لاءِ سڀاڻي چونڊ

0
41

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ سردار اياز صادق ٽيون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊجي ويو، جڏھن ته نوابشاھه ضلعي سان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽي جو سيد غلام مصطفيٰ شاھ قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو. ڪالھه قومي اسيمبليءَ جو اجلاس مقرر وقت کان 38 منٽ دير سان اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اسپيڪر قومي اسيمبليءَ جي عھدي لاءِ پولنگ 11:13 منٽن تي شروع ٿي جيڪا 1:47 منٽن تي ختم ٿي.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف، شهباز شريف ۽ عمر ايوب سميت 291 ميمبرز پاران ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، جن مان ھڪ ووٽ کي رد ۽ 290 ووٽ درست قرار ڏنا ويا. جن مان مسلم ليگ (ن) جو سردار اياز صادق 199 ووٽ کڻي ٽيون ڀيرو ۽ 16هون اسيپڪر قومي اسيمبلي چونڊجي ويو. جڏھن ته سني اتحاد ڪونسل جو عامر ڏوگر 91 ووٽ کڻي سگھيو. اسپيڪر جي چونڊ کانپوءِ راجا پرويز اشرف نئين چونڊيل اسپيڪر کي عھدي جو حلف کڻايو. جنھن کانپوءِ اسپيڪر جي ڪرسي نئين چونڊيل اسپيڪر سردار اياز صادق جي حوالي ڪري رخصت ٿي ويو. اسپيڪر جي چونڊ کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ نئين چونڊيل قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق ڪرائي. ڊپٽي اسپيڪر جي عھدي لاءِ چونڊ لاءِ پولنگ 3 لڳي 22 منٽن تي شروع ٿي جيڪا 5 لڳي 37 منٽن تي ختم ٿي. ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ ڪل 290 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو. پيپلز پارٽيءَ جو غلام مصطفيٰ شاھه 197 ووٽ کڻي قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو. جڏھن ته سني اتحاد ڪائونسل جي جنيد اڪبر کي 92 ووٽ ملي سگھيا. ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ۾ به ھڪ ووٽ خارج ٿيو. ايوان ۾ سني اتحاد جا ميمبر گوڙ ڪندا رهيا، ايوان ۾ نعريبازي به جاري رهي، نئين چونڊيل ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاھه اعلان ڪيو ته وزير اعظم جي عھدي لاءِ چونڊ 3 مارچ تي ٿيندي. جنھن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 3 مارچ صبح يارھين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اسلام آباد: قومي اسيمبليءَ جي ڪل 336 ميمبرن مان قومي اسيمبليءَ خميس ڏينھن ٿيل پھرين اجلاس ۾ 302 ۽ ڪالھه ٻن ميمبرن حلف کنيو. جنھن کانپوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ميمبر طور حلف کڻندڙ ميمبرن جو تعداد وڌي 304 ٿي ويو آھي. جنھن مان ڪالھه 291 ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي چونڊ ۾ شريڪ ٿي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. جڏھن ته 13 ميمبرن اسپيڪر جي چونڊ ۾ ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو. جن ۾ جي يو آءِ جي 8 ميمبرن کانسواءِ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن)، نيشنل پارٽي، بي اين پي مينگل ۽ ايم ڪيو ايم جي ھڪ ميمبر قومي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ جي ذريعن مطابق شريڪ نه ٿي سگھيا. ائين انھن 13 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو. نئين اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪوشش هوندي ته قومي اتفاق راءِ پيدا ڪريون، نئين ڊپٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه به ووٽ ڏيڻ تي ميمبرز جا ٿورا مڃيا.