ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلو، فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي

0
208
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلو، فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلو، فوتين جو انگ 9 ٿي ويو، ڪيترائي زخمي

اسلام آباد، پشاور ۽ لاهور سوڌو ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، خيبرپختونخواه صوبي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، 44 زخمي ٿي پيا

ڪوهاٽ، صوابي، بهاولپور، ڊيرا غازي خان ۽ ميانوالي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، خانيوال، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، پارا چنار، لڪي مروت، باجوڙ، نوشهره ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به زلزلو آيو

فوٹو: آن لائن/ ٹوئٹر

اين ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته 9 لڳي 45 منٽن تي آيل زلزلي جا لوڏا 55 سيڪنڊن تائين محسوس ڪيا ويا، ماڻهو خوف وچان گهرن مان نڪري آيا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6.8 ۽ اونهائي 180 ڪلوميٽرز رڪارڊ ڪيو ويو

 زلزلي جو مرڪز هندو ڪش ريجن ۽ افغانستان هو، ڀارت ۽ چين جي به مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

هي به پڙهندا

اسلام آباد سوڌو ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا