جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته مداخلت ڪنداسين: چيف جسٽس

0
284
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿيندي ته مداخلت ڪنداسين

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي بدلي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي اليڪشن ۾ برابري جو موقعو ملڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن کي نگران حڪومت جي مقررين جو کليل اختيار نه ڏيڻ گهرجي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ هو ته نگران حڪومت سان اليڪشن ڪميشن کي اهڙين مقررين جي باري ۾ پڇڻ گهرجي، هن چيو ته اڪثر وقتن تي سپريم ڪورٽ جي ڳالهين کي غلط سمجهيو ويندو آهي، اسان هڪ ڪيس ۾ چيو ته 1988 ۾ هڪ ايماندار وزيراعظم هو، اسان جي ان ڳالهه کي پارليامينٽ غلط سمجهو

چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اهو نه چيو ته اڄ تائين صرف هڪ ئي ايماندار وزيراعظم آيو، اسان آئيني ادارن کي پنهنجي فيصلن ۾ تحفظ ڏنو آهي

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته عدليه تي به حملا ٿي رهيا آهن، عدليه جو به تحفظ ڪنداسين، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آئيني ادارو آهي جنهن کي آڊيو ٽيپس ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي، اسان صبر ۽ درگذر کان ڪم وٺي آئيني اداري جو تحفظ ڪنداسين

هي به پڙهندا

هر پاسي رڪاوٽون لڳايون ويون، اڄ لُڪي عدالت آيو آهيان: عمران خان جو عدالت آڏو بيان