بدين (رپورٽر ) بدين ۾ پيرسن عورت تي مڙس جو مبينا تشدد، نياڻي کڻي ويو. ان ڏس ۾ قائد آباد پاڙي جي پيرسن عورت جنت ڪنڀار پنهنجي پٽ رمضان ڪنڀار سان گڏ علامتي بک هڙتال ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  مون پنهنجي مڙس خلاف اڳ به تشدد ۽ مال ڦر ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو هو جنهن تان مڇرجي  مڙس اوڏ ڪنڀار پٽن اسلم ڪنڀار انور ڪنڀار ۽ ٻين تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ سندس هڪ  نياڻي زبيده کي ٿر جي راھمن کي  پئسن تي وڪڻي   ڇڏيو ۽ ٻي  نياڻي نسيمه کي ايوان. صحافت اڳيان لٺيون هڻي کنڀي کڻي ويا آهن ۽ انکي به وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سندس پٽ رمضان تي سانوڻ ڪنڀار ڊون مسيحي تشدد جو نشانو بڻائي کيس رتورت ڪري بيھوش ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس پاڙيوارن اچي ڇڏايو  پر بدين پوليس ڪيس وٺڻ لاءِ تيار ئي ناهي ھنن  چتاءُ ڏيندي چيو ته اسان کي ظالمن مان نجات ڏياري انصاف نه ڪيو ويو ته ھو ايوان صحافت اڳيان پاڻ کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا.