نامزدگي فارمن ڀرائڻ جو آخري ڏينهن: آر اوز آفيسن ٻاهران رش: اميدوارن ريلين جي صورت ۾ پهچي فارم ڀرايا

0
234
مڪاني چونڊون
سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي

ڪراچي ( نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ نامزدگي فارمن ڀرائڻ جي آخري ڏينهن تي آر اوز آفيسن ٻاهران وڏي رش لڳي وئي، اميدوارن ريلين جي صورت ۾ پهچي فارم ڀرايا

لاڙڪاڻي شهر جي 20 يونين ڪاميٽين جي 20 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ 136 اميدوارن، 80 جنرل ڪائونسلر لاءِ 372 اميدوارن، تعلقي لاڙڪاڻي جي 13 يونين ڪائونسل جي 13 چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ 82 اميدوارن، 13 ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ 67 اميدوارن ۽ 52 جنرل ڪائونسلر لاءِ 204 اميدوارن طرفان پنهنجا نامزدگي فارم لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي توڙي پي پي پي مخالف لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان ڪيترن ئي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ سندن جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن ۽ هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ يا ان کان اڳ اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪيون وينديون جنهن کان پوءِ اميدوار پارٽي ٽڪيٽ لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ جمع ڪن ان تي اميدوارن کي نشان پڻ الاٽ ڪيا ويندا

ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي 29 وارڊن تي جنرل ڪائونسلر جي لاءِ 328 اميدوارن پنھنجا فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جڏهن ته 20 مئي تي نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني ٿيندي اسڪروٽني مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سياسي پارٽيون پنهنجي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪنديون بعد ۾ اميدوارن کي انتخابي نشان ڏنا ويندا

خيرپور ضلعي ۾ ضلع ڪائونسل جا مجموعي طور 88 تڪ آهن ٽي ميونسپل ڪميٽيون، 20 ٽائون ڪميٽيون ۽ 88 يونين ڪائونسلون آهن

مڪاني چونڊن ۾ اصل مقابلا پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن وچ ۾ ٿيندا جڏهن ته آزاد اميدوار به ميدان ۾ لٿل آھن

سانگهڙ ضلعي جي مختلف سيٽن تي 3187 اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن

ضلعي جي 4 ميونسپل ڪاميٽين سانگهڙ شھدادپور، سنجهورو ۽ ٽنڊو آدم، 11 ٽائون ڪميٽيز ڪنڊياري، ٽنڊو مٺا خان، پيرومل، شاهپور چاڪر، سرهاري، جٽيا، جھول، کڏڙو ، ڄام نواز علي، ٻيراڻي ۽ کپرو سميت 73 يونين ڪائونسل لاءِ 3187 اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا آهن جن ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ 337 اميدوارن، ميونسپل ڪاميٽيز، ٽائون ڪميٽيز ۽ يونين ڪائونسلز جي جنرل سيٽن لاءِ 2504 جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي جنرل سيٽن لاءِ 346 اميدوار شامل آهن

عمر ڪوٽ ضلعي ۾ 1414 اميدوارن مختلف سيٽن لاء فارم جمع ڪرايا آھن جن ۾ ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي 14 وارڊن لاء مختلف سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن جا ڪل 198 فارم جمع ٿيا آھن ٽائون ڪميٽي ڪنري تي 76 ٽائون پٿورو تي 16 ٽائون سامارو تي 46 ٽائون ڇور تي 35 ٽائون شادي پلي تي 13 ٽائون نبي سر تي 21 ۽ ٽائون ڍورونارو جي جرنل ڪائونسلر سيٽن تي 53 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آھن

ضلعي جي ڪل 42 يوسيز جي چئرمين ۽ وائيس چئرمين جي سيٽن تي 181 ۽ يوسيز جي جرنل ڪائونسلر جي لاء ڪل 552 اميدوارن جا فارم جمع ٿيا آھن جن جي جاچ پڙتال جو سلسلو ھلندڙ آھي