بلوچستان جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رِٿ آڻڻ جو فيصلو

0
348
وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رِٿ
بلوچستان جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رِٿ آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو خلاف بي اعتمادي رِٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

 بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن پارٽيز طرفان اڄ يا سڀاڻي رِٿ جمع ڪرائڻ جا امڪان آهن

ايم پي اي سردار يار محمد رند چيو آهي ته اسان وٽ نمبرز پورا آهن، وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو کي پنهنجا ئي اتحادي ڇڏي ويندا، عبدالقدوس پنهنجي اهليت ثابت نه ڪري سگهيو آهي

هن چيو ته وڏي وزير جي حڪومت ۾ڪرپشن ۽ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي

ٻئي پاسي بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي بي اعتمادي رِٿ ناڪام ٿي ويندي، وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو پنهنجو مُدو پورو ڪندو