وهاب رياض جي شاندار بيٽنگ: سينٽرل پنجاب سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
188

لاهور(اسپورٽس نيوز) وهاب رياض جي جارحاڻي بيٽنگ سينٽرل پنجاب کي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو. سينٽرل پنجاب ٽورنامينٽ جي 28هين ميچ ۾ بلوچستان کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. بلوچستان عبدالله شفيق جي هاف سينچري ۽ عماد بٽ جي تيز رفتار ناٽ آئوٽ 43 رنز جي اننگز سبب مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنز ٺاهي ورتيون.

اوپنر عبدالله شفيق چئن ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 60 رنز جي اننگز کيڏي، عماد بٽ 27 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 43 رنز جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ثمين گل 20 رنز عيوض 3 رانديگرن آئوٽ ڪيو، محمد فيضان 2، جڏهن ته محمد اڪرم ۽احمد صفي عبدالله هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. وهاب رياض جي 9 بالن تي 28 رنز جي اننگز سبب سينٽرل پنجاب کي 163 رنز جو هدف 11 بال اڳ حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.