ميرپورماٿيلو: ڌيءَ جي خوشي سان شادي ڪرائڻ ڏوهه، ڀوتارن پاران طلاق وٺرائڻ جي فتويٰ

0
275
ميرپورماٿيلو: ڌيءَ جي خوشي

ميرپورماٿيلو(ن پ ا) ڌي جي رضا خوشي واري شادي ڏوهه بڻجي ويو، ڀوتارن جرڳو ڪري ناري کي مڙس کان طلاق وٺرائڻ جي فتويٰ جاري ڪري ڇڏي.

وڏيرن ناري جي والد طرفان ڌيءَ کي رضا خوشي سان پرڻائڻ تي 5 لک ڏنڊ بي مقرر ڪري ڇڏيو ۽ مڙس مٿان به 5 لک ڏنڊ وڌو ويو.

صوبائي وزير باري خان پتافي جي چاچي عبدالرب ۽ ڀاءُ ھالار خان جي سرپئچي ۾ ٿيل جرڳي ۾ فتويٰ جاري ڪئي.

2 مھينا اڳ ٻنھي خاندانن جي مرضي سان ناري حميرا پتافي جي نوجوان نزاڪت پتافي سان شادي ڪرائي وئي ھئي.

شادي کان پوءِ ناري حميرا پتافي کي مڙس نزاڪت پتافي سان ڪارو قرار ڏنو ويو ھو. وڏيرن رات دير سان جرڳو ڪري، زال مڙس کي جدا ڪرڻ ۽ ناري جي مڙس ۽ پيءُ مٿان 5،5 لک ڏنڊ مقرر ڪئي وئي.

ھي به پڙھندا

ٺاروشاھ ڀرسان پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي زندگيءَ کي خطرو