ڪراچي: پي آءِ اي ترجمان چيو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي جي 32 فوتين جي وارثن کي مڪمل معاوضو ادا ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته 2 زخمين کي به 5، 5 لک رپيا ادا ڪيا آهن، هن چيو ته فوتين جي وارثن کي به بروقت 10،10 لک رپيا ادا ڪيا ويا، جهاز حادثي سبب متاثر ٿيل 17 گهرن ۽ 24 گاڏين جي مالڪن کي به معاوضو ادا ڪيو آهي.