غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري، شهيدن جو انگ 43 ٿي ويو

0
272

غزا (ڊيسڪ رپورٽ) غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سسلسو رڪجي نه سگهيو، 13 ٻارن سوڌو شھيد فلسطينين جو انگ 43 ٿي ويو، جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، اسرائيلي فورسز جي طرفان فلسطين ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ عمارتون ڊهي مٽي جون ڍير بڻجي ويون، فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملن ۾ شهيد فسلطينين جو انگ 35 ٿي ويو ۽ زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، پرڏيهي خابرو اداري موجب حماس جي طرفان به اسرائيل تي جوابي راڪٽ فائر ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 3 اسرائيلي اجل جو شڪار ۽ 70 ماڻهو زخمي ٿي پيا، حماس طرفان اسرائيل تي هڪ سئو کان وڌيڪ راڪٽ حملن جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ۽ حماس طرفان حملن کي غزه جي 13 ماڙ رهائشي عمارت تي اسرائيلي حملي جو جواب قرار ڏنو ويو.