11 آگسٽ ۽ جناح جو پاڪستان

0
227
پنهنجي طبقي لاءِ بااختيار ۽ عوام لاءِ بي اختيار بڻيل وزيراعظم!

جناح صاحب جي 11 آگسٽ واري تاريخي خطاب جي جواب ۾ 3 سيپٽمبر تي مولانا شبير احمد عثماني (جيڪو تنهن وقت آئين ساز اسيمبلي جو ميمبر هو) چيو ته،” ڀلي ڪيڏو به وقت گذري وڃي هندو هندو رهندو، مسلمان مسلمان رهندو.“ (سندس اهڙو بيان روزاني ”نوائي وقت“ ڪجهه ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيو هو) جناح صاحب جي اهڙي شاندار تقرير جي مولانا  مودودي سخت مخالفت ڪندي ان تي سخت تنقيد ڪندي لکيو ته،” جناح اسلام کي سيڪيولر اک سان ڏسي ٿو ۽ هن جو لائف اسٽائيل (طرز زندگي) مغرب وارو آهي.“ جڏهن مولانا مودودي کي نظر بند ڪيو ويو ته هن سيپٽمبر 1949ع جي شماري ۾ ”تفهيم القران“ ۾ لکيو ته، ”مونکي (مولانا مودودي) نظر بند ڪرڻ جو سبب هي هو، جو پاڪستان جو باني پاڪستان کي هڪ سيڪيولر رياست ٺاهڻ جي منصوبو بندي ڪري رهيو هو ۽ آئون ان جو مخالف هئس.“ مولانا مودودي جناح صاحب  جي وفات کانپوءِ پاڪستان جي سياست ۾ گهڙي پيو

مذهب کي نه صرف سياسي پر هڪ خاص طبقي جي مفادن وٽان استعمال ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جو ناليوارو تاريخدان زاهد چوڌري پنهنجي ڪتاب ”نفاذ اسلام“ ڪي نام پر مُلائيت اور فرقه واريت ڪا آغاز“ ۾ لکي ٿو ته ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ڪجهه ماڻهن ڪوشش ڪئي ته جناح نالو جمعي جي خطبي ۾ شامل ڪيو وڃي، پر جناح انهن کي سختي سان منع ڪيو، هُو لکي ٿو ته، ”سنڌ جي وزير تعليم پير الاهي بخش ۽ لاهور جي ڪجهه اخبارن جي تجويز هئي ته  جناح جو نالو جمعي جي خطبي ۾ بطور امير المومنين شامل ڪيو وڃي، جنهن جو جناح انڪار ڪيو.“ ص 36

قائداعظم پاڪستان کي جمهوريه پاڪستان چيو هو، نه ڪي اسلامي جمهوريه پاڪستان. پاڪستان جو پهريون قومي ترانو جڳن ناٿ آزاد لکيو هو جيڪو هڪ هندو هو ۽ قائداعظم جي حياتي تائين اهو قومي ترانو ريڊيو پاڪستان تان هلندو رهيو. پاڪستان ۾ هندستان جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش جو ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي، هن قائداعظم سان بحث ڪيو مسلم ۽ اسلامي رياست متعلق. جنهن ۾ قائداعظم مڪمل طرح اسلامي رياست کي رد ڪيو. مسلمانن جي رياست مان مراد جتي مسلمانن جي اڪثريت هجي، اسلامي رياست مان مراد جتي اسلامي قانون ۽ احڪامن تي عمل ڪيو وڃي. قائداعظم پير مانڪي شريف کي هڪ خط لکيو، جيڪو دستور ساز اسيمبلي جي جلد نمبر 5 ۾ موجود آهي، تنهن ۾ جناح صاحب لکيو ته ، Sharia will be applied to the affairs of Muslim community يعني، ”شريعت مسلمانن جي معاملن ۾ لاڳو ڪئي ويندي.“ جنهن جو ٻيو مطلب پوري پاڪستان ۾ شريعت  جو نفاذ نه ڪيو ويندو. نديم ايف پراچا 11 نومبر 2018ع تي روزاني ”ڊان“ پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ لکي ٿو ته”پاڪستان جي سابق سفير ساد خيري پنهنجي ڪتاب، Jinnah Reinterpreted ۾ لکيو آهي، ته پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ هڪڙي پارٽي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت جناح پئي ڪئي۽ جناح جيڪا اسلام جي جيڪا تشريح پئي ڪئي، اها تشريح هڪڙي ليگي کي پسند ڪونه آئي ۽ هن اٿي جناح کي چيو ته جناح صاحب اسان ته عوام سان هي واعدو ڪري آيا آهيون ته پاڪستان جو مطلب لا الا الله آهي. جناح صاحب هن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ويهي رهه، نه مون ۽ نه ئي مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي ڪا اهڙي قرارداد پاس ڪئي آهي، شايد توهان ڪجهه ووٽ وٺڻ لاءِ ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي هجي.“

ان وقت جيڪي مذهبي جماعتون ۽ ڌريون موجود هيون ۽ انهن جي اڪثريت پهرين ڏينهن کان وٺي جناح صاحب ۽ مسلم ليگ جي سخت خلاف هئي. ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ تقريبن ننڍيون وڏيون 26 مسلمانن جو سياسي ۽ مذهبي جماعتون موجود هيون، جن مان 23 پاڪستان، جناح ۽ مسلم ليگ جي سخت خلاف هيون

قائداعظم محمد علي جناح ان 11 آگسٽ واري خطاب کانپوءِ سڀ کان پهرين 17 آگسٽ تي ڪراچيءَ جي Holly Trinity Church جو دورو ڪري عيسائين کي يقين ڏياريو ته توهان پاڪستان جا برابر جا شهري آهيو. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪنهن  قومي ۽ عوامي معاملي ۾ مذهب جي مداخلت جو سخت مخالف رهيو. قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪا پهرين وفاقي ڪابينا ٺاهي تنهن ۾ وڪٽرنر جيڪو هڪ عيسائي هو، انهيءَ کي وزير خزانه، جوگندرناٿ منڊل جيڪو هڪ هندو هو تنهن کي قانون جو وزير ۽ سر ظفرالله جيڪو هڪ احمدي هو تنهن کي پرڏيهي کاتي جو وزير بڻايو هو. جناح مسلم ليگ جو نالو تبديل ڪري ”نيشنل ليگ“ رکڻ لاءِ ڪوششون ورتيون، پر لياقت علي خان ۽ ٻئي ٽولي هن کي ايئن ڪرڻ نه ڏنو. جناح جي اهڙي ڪوششن جي حوالي سان زاهد چوڌري لکي ٿو ته” ڊيلي گزيٽ جو ايڊيٽر ايم ايس شرما وڏو تعصبي هندو هو، هن کي مسلمانن ۽ پاڪستان ۾ ڪڏهن ڪا خوبي نظر نه ايندي هئي. هو ليگ ڪائونسل جي ان اجلاس دوران وڏو سرگرم هو ۽ انهن ڏينهن ۾ ئي قائداعظم سان ملاقات به ڪئي هئي. هن پنهنجي هڪڙي ڪتاب ۾ ان ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي. هو اعتراف ڪري ٿو ته ” قيام پاڪستان کانپوءِ جناح کي هندوئن سان ڪا رنجش نه هئي. هو هڪ دفعو ٻيهر هندو مسلم اتحاد جو سفير جو پنهنجو پراڻو مشهور ڪرادار ادا ڪرڻ جو متمني هو. هن جو چوڻ هو ته آئون (قائداعظم) پاڪستان ۾ هندو اقليت جو پروٽيڪٽر جنرل بڻجي رهندس. جناح کي ڪراچي ۾ سکن جي خونريزي جي المئي تي بي انتها صدمو ٿيو هو. هن هڪ دفعو جڏهن هندو شرنارٿين جي ڪئمپ جو معائنو ڪيو ته هن مردآهن پنهنجي اعصابن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.“ ڪتاب ساڳيو ص 66

[email protected]