شهباز گل جي بيان کان پوءِ اڪيلو ٿي ويل عمران خان

0
221
عمران خان تي پنجاب ۾ حملو ڪيئن ٿيو؟

شهباز گل گرفتاريءَ کان پوءِ حيران آهي ته سندس پارٽي ڪيڏانهن وئي؟ هي ساڳي پارٽي آهي جنهن شيرين مزاري جي اسلام آباد مان گرفتاريءَ تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو هو، پي ٽي آءِ جا سمورا وڪيل شام جو ئي عدالت پهچي درخواست داخل ڪرائي عدالت کي فوري ٻڌڻيءَ لاءِ عرض رکيو هو، جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رات جو ساڍي يارهين وڳي شيرين مزاريءَ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو تڏهن چوڌري فواد کان صحافين سوال ڪيا هئا ته رات جو ٻارهين وڳي عدالت کلن ٿيون ته توهان جو چيئرمين عمران خان ئي سوال ڪري رهيو آهي ته اهڙو ڇا ٿيو هو جو رات جو ٻارهين وڳي عدالت جا دروازا کوليا ويا؟ اهڙي سوال تي چوڌري فواد چيو هو ته هينئر ساڍي يارهين وڳي شيرين مزاري کي پيش ڪرڻ جو حڪم آهي، اڌ ڪلاڪ جو فرق آهي، تحريڪ انصاف سميت شيرين مزاري جي گرفتاريءَ جو ايترو ردعمل آيو هو جو ان وقت جي پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز شيرين مزاري کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. هينئر شهباز گل پريشان آهي ته ٻيو ڏينهن به گذري ويو پر تحريڪ انصاف جو ڪو به اڳواڻ ناهي پهتو، پارٽي جو ڪو وڪيل نظر نٿو اچي، ايتري قدر جو ماني به دوستن موڪلي آهي. ڊرائيور به گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ فرار ٿي ويو. شهباز گل کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪپڙا به ناهن، هينئر تائين کيس سمهڻ لاءِ بسترو به نه هو، ان سڄي صورتحال ۾ جڏهن کيس عدالت ۾ پوليس پيش ڪري رهي هئي تڏهن به پارٽيءَ پاران اسلام آباد جي علي اعواڻ کي ئي موڪليو ويو هو، هاڻ خبر ناهي ته پارٽي شهباز گل کي رڳو ان قابل سمجھو ته علي اعواڻ کي موڪلجي يا شهباز گل کي پنهنجو سمجھڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي

جيئن شهباز گل حيران ۽ پريشان آهي ته عمران خان کي به ڳالهه سمجھه ۾ نٿي اچي ته ڇا ڪجي؟ عمران خان شهباز گل واري معاملي ۾ واضح موقف اختيار ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي پر سندس واضح موقف ۾ دير جو سبب اهو سمجھيو پيو وڃي ته عمران خان شهباز گل واري پاسي آهي، جيتوڻيڪ عمران خان جي تقرير کان پوءِ اهو سمجھيو پيو وڃي ته عمران خان شهباز گل کان لاتعلقيءَ جو اعلان ناهي ڪيو، جڏهن ته سامهون ٻيو دليل اهو اچي ٿو ته عمران خان شهباز گل جي بيان کي پارٽيءَ جو بيان به ناهي سڏيو. عمران خان پنهنجي تقرير ۾ شهباز گل جي بيان کي پي ڊي ايم جي کاتي ۾ اهو چئي وجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان پي ڊي ايم وارا جھيڙو ڪرائي رهيا آهن. عمران خان شهباز گل جي گرفتاريءَ کان پوءِ پارٽيءَ جي اجلاس جي صدارت کان پوءِ اها تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ هو جنهن کي به قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته اهڙا بيان ان کان اڳ آصف علي زرداري نواز شريف وارا به ڏئي چڪا آهن پر عمران خان جي ان دليل کان پوءِ به اهي قائل ناهن ٿيا، عمران خان جي تقرير جو ڪنهن به دٻاءُ نه ورتو، مورڳو صبح جو شهباز گل جي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڇاپا هڻي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش به ٿي، سندس خاندان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، شهباز گل جي موبائيل هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس اهو سڀ ڪجھه ڪري رهي آهي خبر ناهي ته موبائيل ۾ ڇا هوندو پر اهو به ته ٿي سگھي ٿو ته شهباز گل کي ڪو واٽس ايپ آيو هجي، شهباز گل رڳو اهو پڙهيو هجي جنهن ڪري ئي ته چون ٿا ته شهباز گل جيڪو ڳالهايو آهي اهو اسڪرپٽيڊ هو، هڪڙن جو خيال آهي ته شهباز گل سوال جي جواب ۾ پنهنجو موقف ڏئي رهيو هو

ان کان اڳ چوڌري فواد کي جڏهن اليڪشن ڪميشن گھرايو هو ته چوڌري فواد اهو چئي معافي ورتي هئي ته هو ته حڪومت جو مائوٿ پيس آهي، جيڪو حڪومت چوندي آهي اهو ئي هو ورجائي ڇڏيندو آهي پر هن معاملي جي نوعيت سنگين آهي، هي معاملو فارين فنڊنگ ڪيس کان به اڳتي نڪري ويو آهي، فارين فنڊنگ ڪيس ۾ ته عمران خان چوي پيو ته هو ته صرف صحيح ڪندو هو، معاملا ته پارٽي ڏسندي آهي پر هن معاملي ۾ جيڪڏهن شهباز گل جي موبائيل ۾ واٽس ايپ ميسيج جنهن جي کاتي ۾ ويو سمجھو اهو ويو، ان ڪري سمجھڻ وارا به سمجھن ٿا ته شهباز گل ته صرف مهرو آهي، ان جي پٺيان ڪنهن ٻئي جو هٿ آهي. اهو به ياد رکجو ته شهباز گل عمران خان جو چيف آف سيڪيورٽي اسٽاف هو جنهن جي هاڻي پارٽي ويجھو اچڻ لاءِ تيار ناهي. جڏهن شهباز گل کي گرفتار ڪيو ويو تڏهن مونس الاهيءَ چيو ته پنجاب پوليس بني گالا اماڻي رهيا آهيون، خبر ناهي مونس الاهي ڪهڙي حيثيت ۾ پنجاب پوليس کي اماڻي رهيو هو پر هڪ رات جي وقفي کان پوءِ چوڌري پرويز الاهيءَ جي دماغ کي سمجھه ۾ اچي وئي جنهن تي هن چيو ته مون ته شهباز گل کي دڙڪا ڏنا آهن ته تو هي بيان ڇو ڏنو آهي، خبر ناهي چوڌري پرويز الاهي شهباز گل جو بيان ٻڌڻ کان پوءِ کيس فون ڪيو يا گرفتاريءَ کان پوءِ پر چون ٿا ته شهباز گل وٽ ته موبائيل ئي ناهي

ان مان گھٽ ۾ گھٽ چوڌري پرويز الاهي ته پنهنجو پاڻ کي شهباز گل جي بيان کان الڳ ڪري ڇڏيو، ها هينئر تائين عمران خان سان ته گڏ آهي، هي اهو چوڌري پرويز الاهي هو جنهن جي وزيراعليٰ ٿيڻ سان ئي چيو پئي ويو ته راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ئي نٿو وڃي، رانا ثناءُ الله چيو هو ته جيڪڏهن مون کي پنجاب ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته گورنر راڄ لڳندو پر هاڻ ڳالهه راڻا ثناءُ الله کان به اڳتي نڪري وئي آهي، رڳو راڻا ثناءُ الله جو قصو نه هو، ماڊل ٽائون جو ڪيس به ته کولڻ جون ڳالهيون پئي ٿيون، اهو به چيو پئي ويو ته ڪهڙي به وقت صدر عارف علوي شهباز شريف کي اعتماد جو ووٽ به وٺڻ لاءِ چئي سگھي ٿو، هاڻ اهو صدر عارف علوي ڪوئيٽا جي ڪور ڪمانڊر واري هيلي ڪاپٽر واري حادثي جي شهيدن جي جنازي ۾ وڃڻ جي قابل ناهي رهيو، ان کان اڳ پنهنجي مقبوليت وڃائي ويٺل عمران خان جڏهن عدم اعتماد واري تحريڪ ذريعي وزيراعظم نه رهيو، تڏهن سندس مقبوليت ۾ ايڏو اضافو ٿي ويو جنهن جو کيس به اندازو نه هو. پنجاب جي ضمني چونڊن جي نتيجن ته عمران خان کي ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ بڻائي ڇڏيو. عدالتي محاذ تي به جيڪا چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب جي وڏي وزير جي صورت ۾ ڪاميابي ملي ان ڪاميابيءَ کان پوءِ ته اهو چيو پئي ويو ته جيڪڏهن هينئر جو هينئر اليڪشن نه ٿي ته عمران خان جي پارٽي اڪثريت حاصل ڪري ويندي. شهباز شريف وارا حڪومت هوندي اليڪشن ڪميشن کي التجا ڪري رهيا هئا ته فارين فنڊنگ ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌايو وڃي. پي ڊي ايم وارن کي رڳو ان ڪيس جو ئي آسرو هو، جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان مان هنن جي جان ڇٽڻ جو آسرو هو، جنهن آسري تي هو هينئر به جي رهيا آهن

موجوده سيٽ اپ جي اندر به اهي سمجھن پيا ته شهباز شريف رڳو اسلام آباد جو وزيراعظم آهي باقي ته ڪي پي ، پنجاب ۾ اسان آهيون صدر عارف علوي به اسان جو آهي، اسان جڏهن چاهيون شهباز شريف کي ايئن گھر يا لنڊن اماڻي سگھون ٿا، جيئن سندس پٽ حمزه کي اماڻي ڇڏيو آهي پر هينئر شهباز گل جي بيان کان پوءِ واري صورتحال آهي، جنهن ۾ عمران خان ايترو اڪيلو ٿي چڪو آهي جو چوي پيو ته ڪي پي  ۾ طالبان به نشانو بڻائي رهيا آهن، هاڻ ته اهو چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن عمران خان شهباز گل جي بيان تي واضح موقف اختيار نه ڪيو ته سندس پارٽيءَ جا پراڻا دوست جهانگير ترين، عليم خان وارا سامهون اچي ويندا. هاڻي مقابلو عمران خان ۽ پي ڊي ايم وارن شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان يا آصف علي زرداري جي وچ ۾ ناهي پر هاڻ عمران خان جو مقابلو انهن سان آهي جن جي آسري تي اسلام آباد پوليس شهباز گل کي گرفتار ڪيو آهي، جيستائين مقابلو عمران خان ۽ پي ڊي ايم جو هو تيستائين ته قصو مختلف هو، پر هينئر جن سان عمران خان جو مقابلو آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب وارا هجن يا گجرات جا چوڌري هجن، اهي عمران خان سان ڪٿي بيهندا؟ ان ڪري ئي ته عمران خان سمجھي پيو ته سندس پارٽي کي ختم ڪيو پيو وڃي، عمران خان کي اهو سوچڻو پوندو ته هڪڙي ئي شهباز گل جي بيان سان هو آسمان کان زمين تي اچي ڪريو آهي، عمران خان اهو به سوچيو هوندو ته جيڪڏهن شهباز گل سميت سموري پارٽي ان بيان تي يوٽرن وٺي ٿي ته ڪيترو نقصان کان بچي سگھجي ٿو پر هينئر موجوده صورتحال جي اندر ته عمران خان ۽ سندس پارٽي بند گھٽيءَ ۾ ڦاسي پئي آهي