ھڪ ٻوگھلڙي من جي ننڍڙي ڀيٽا … پاڻ کي جمن ڇو وڻندو ھو !

0
168

نيمُون …

سندس پنھنجي وطن ۾ ھڪ نگاھه کانپوءِ ٿيل ان ھڪ طرفي عشق جي الھام  کانپوءِ ، ھو جيڪو پرديسڻ پار لاھورڻ جي عشق ۾ سنڌ وطن مان اڏري وڃڻ کانپوءِ سندس پويان بُلا شاھه ۽ ماڌو لال حسين جي ان ديس، پيرين پنڌ سنڌ مان نڪتو ھو. جتي جي گلين ۾ عاشق ڪڃرين جان گنگھرو پائي نچي پنھنجا محبوب راضي ڪندا آھن  .

 سوين ڪوھه پنڌ ، کيسا خالي، پيٽ خالي، ڪپڙا ميرا ليڙون ليڙ بس چت ۾ فقط سندس محبوب .

عاشقن جا پنڌ بس محبوبن جا آستان ھوندا آھن. پاڻ ڪڏھن لکيو ھو ۽ پاڻ سان به ايئن ٿي گذريو ھو  ان ڪري جمن دربدر مون کي ڏاڍو وڻندو ھو.

  ٻنھي جو نتيجو پاڻُ پلي ھڪ مستقل الوداع  جي صورت پاڻُ سميٽي رھڻو ھو . بلا شاھه ، ماڌو لال حسين جي نگريءَ ۾ اسان جي ھن محبوب مستو مست فقير کي به خالي جھول موٽڻو ھو جو  محبوب جي منزل پھچڻ تي جمن ان ماءُ جي جھليل جھوليءَ کي مانُ ڏئي جنھن ۾ ھوءَ کيس سندن عزت خاطر ڌيءَ جي پچر ڇڏڻ جو چئي ٿي . ماني ڳڀو کارائيس ٿي ۽ ھو ميرو ليڙان ليڙ عاشق سخي سندس جھوليءَ ۾ اھو سڀڪجھه رضا سان وجھي ڇڏيندي، وطن طرف موٽ کائي ٿو، جنھن جي به ھوءَ کانئس اميد ڪندي صدا ھڻي ٿي .  تنھن مھل ھو ڪڇ- ڪاٺياواڙ جي راجا راءِ ڏياچ جو جثو ٿي جاڳيو ھو .

پر پاڻ جمن جان نه ھئاسون، نه پرديسي پرين جي پچار رھي نه سندس جھڙا ديوانگيءَ ڀريا پنڌ نه اوجاڳا ھا . جمن چريو ماڻھو ھو پاڻ ڪجھه ڪجھه ماڻُھپي ۾ ٻوگھلائپ ڀريا وائڙا …

سنڌي ته ازل کان ڪنھن جي ڌيئرن جي سربازار پوتي لاھڻ جا مجرم ناھن رھيا. پنھنجي پڳ جا پلو ڦاڙي نياڻين جي اگھاڙن مٿن رکيا آھن. ھي مگر اڄ جي سنڌ جو ھي بي حياءُ نسل ، پوش جيڪو به ايئن ڪري ٿو پڪ سمجھو ان جو تخم ڪنو آھي .

جمن ڀاڳن ڀريو ھو انڪار جي آڙاھه  سمي به سندس پيار مليو ھو ۽  پنھنجو سماجي ڀاڳ اھڙو نه ھو پنھنجي جھوليءَ ۾  آڙاھه پيا مگر نام نھاد اناپرستيءَ جا .  ان ڪري جمن دربدر مون کي ڏاڍو وڻندو ھو .

ڇا ٿئي ھا جي سندس جي پيار جھليل جھوليءَ ۾ قبوليت جي محبتن جا موتي ڀري سيني سان لائجي ھا. ھن جھان جون ھڙئي مائرون محبتن جون ويري،ظالم، يزيد،شمر، فرعون نمرود ابليس ٿين ٿيون.( منھنجي ڌيءَ جي ماءُ ايئن ٿيندي مون وٽ ھڪ وڏو سوال آھي؟ ان جو جواب في الحال سئو سيڪڙو انڪار ۾ آھي جو مونکي ڌيءَ ناھي)

لاھورڻ ماءُ جي جھوليءَ ۾ سخاوت جي دائمي ٿڌي ڇانوَ اوتي آيل سخي منش جمن کي انکانپوءِ روحل واءَ جي رھگذرن ،سرزمين سنڌ جي ھوائن ۾ آخري ساھن تائين نٽھڻ اس ۾ رھڻو ھو، مگر ڪنھن ٿي ڄاتو ته ان انڪار بعد  ھو اتان وطن قوم جي عشق جي ڀاڳن ڀري سڌوري سنڌوءَ ڇانورن  ۾ ھميشه رھڻ وارو پڻ آھي، جنھن سفر جي ھر منزل ڏکن مصيبتن عذابن جا پٻ، پھاڙ آھن  ۽  ھو شاعر بڻجي سنڌوسڀيتا جي سرن سازن موسيقي  ۾ سدا ڳايو ويندو، ڳائبو رھندو . مان شاعر ناھيان نه ٿيڻ جو چاھه ،  پر پنھنجي ٻوگھلي ارڌلي مزاج کانپوءِ وطن قوم جي نجات لاءِ چت ۾ ٻرندڙ چراغ پاڻ وٽ به ايئن جليا جيئن جمن جي ھنئين ۾ ھرکر ٿي ٽم ٽم ٽانڊاڻا بڻجي ٻريا ھوندا. ان ڪري جمن دربدر مون کي ڏاڍو وڻندو ھو .

پاڻ سماجي وطني قومي عمل جي گلقاريءَ جي راھن ۾ مڪمل معزور بڻيل فقط حوالي جيوَ آھيون  مگر جمن کي ھر ساعت ، ھر گھڙيءَ مسلسل پنڌ، جاڳ، جدوجھد ۾ رھندو پسندو ڏسي ، سندس پيرن، پنڌن، اوجاڳن، ٽھڪڙن ، آلين اکڙين ۾ پنھنجا نيڻ رکي ڇڏبا ھا ۽ ھن ڪڏھن مايوس نه ڪيو . ان ڪري جمن دربدر پاڻ کي وڻندو ھو .

عبدالقادر جوڻيجو کانپوءِ جمن دربدر ھن واھيات  سماجي جانورن جي جھان ۾ ٻيو ماڻھو ھو ، جنھن  سان پنھنجي حياتيءَ ۾ سرزمين سنڌ جي ڪنھن سرد صبح  ماڪ ويلا ، آرھڙ جي مند سمي ڪنھن ٽاڪ منجھند پھر ڳيرن ڪبوترن جي گٽرگون گٽرگون صدائن سنگ يا ڪنھن لھندڙ سج ، سانجھيءَ سمي ڳئن مينھن ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ وڄندڙ ٽلين، چڙن جي وڄٽن ، ڌمالن سنگ ھن سان ڀاڪر پائي ملڻ، گل تي چمي ڏيڻ جي آس وري اڌوري رھجي وئي.

مين تي هڪ خيال هان

هڻ لڀسان نال خيال دي.

 پر پنھنجو ٻوگھلو، ارڌلو، ڪلڇڻو، اڻ گھڙيل ھَردو ميل ملاقات جي حساب ڪتاب کان پري رھندي فرحت ۾ ضرور آھي، اداس ڏکارو ناھي جو پنھنجا محبوب ته جمن جھڙا رھندا پئي آيا آھن ۽ اڃا به رھندا .

 جمن جي ھڪ ماءُ جي مان رکڻ واري سخاوت، وطن قوم سان عشق جي موٽ فطرت ان کان وڌيڪ ٻئي ڪھڙي ڏئي سگھندي جوايندڙ صدين جي ھر پل اھُو گيت جيسين ھڪ به سنڌي ھن جوءِ ۽ جھان ۾ زندھه رھندو سندس زبان تي رھندو ، جمن سدا جو جيئرو رھندو.

۽ جڏھن جڏھن به وطن قوم جي عشق ۾ سرشار جيوَ ڪنھن به قومي ڪردار جي آخري آرامگاھن طرف محو سفر ھوندا، سندن زبانن تي،تاڙين جي تال ۾، سندن رقص ۾ جمن جو گيت رھندو ئي رھندو!

وٺي ھر ھر جنم وربو

مٺا! مھراڻ ۾ ملبو …

  پاڻ سندس موڪلاڻيءَ کي ھڪ ڀرپور پيار سان ملھائڻ وڃي رھيا آھيون

سنڌي دھل شرناءِ جي واڄٽ ۾ بي خود جھمر سان . جو پاڻ وٽ سندس موڪلاڻي سمي روئڻ پٽڻ جو ڪو جواز ناھي.