شوق جو مُلھه ڪونهي!

0
97
شوق جو مُلھه ڪونهي!

دنيا ۾ روز معمول مطابق کوڙ شيون ايجاد ٿين ٿيون، گهڻيون شيون ناس و نابود ٿين ٿيون، ٿورڙيون شيون وڃي ڪي بچن ٿيون تنهن کي وقت ۽ دور ڪڏھن عروج ڏياريو ڇڏين ته ڪڏھن وري انهن جي اهميت ۽ حيثيت کي فڪري شعوري علمي ۽ عملي طور طريقن جا حُربا استعمال ڪري، اُھي دور، انهن جي ڀڃ ڊاھه ۾ اهم ڪردار ڪندا آھن. ڀڃ ڊاهون ضروري چيون وڃن ٿيون.  ڏاها چون ٿا ته فطري عمل هر پل انهي جستجو ۾ رڌُل هوندا آھن! ڀڃ ڊاهن جي اهميت ان ڪري آھي جو انهن جي گود ۾ دنيا جون عظيم شيون ڦٽي ڪيل آھن. اهي ڀڃ ڊاهون ئي هيون جنهن انهن جي حسن کي چٽو ۽ واضح ڪيو! نه ته ڀڃ ڊاھه بظاهر ته آھي ئي ڊاهڻ جو عمل پر هُو پنهنجي جوهرَ ۾ عظيم آھي.

                 شوق رکڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آھي. شوق پالڻ ۽ نپائڻ ۾ به وڏو فرق آھي! شوق سنڀالڻ ۽ ڊاهڻ ۾ به فرق آھي ته شوق صحتمند ۽ بيمار ۾ به فرق آھي. شوق جا پيرا کڻنداسين ته جڏھن ماڻھن جي جسم تي لباس نه هو، جڏھن ماڻھو سماج جي شڪل ۾ اڏڻ جهڙا نه هئا، جڏھن انسان جهر جهنگن ۾ رهندو هو ۽ گذر سفر شڪار تي ڪندو هو. جڏھن سماج اڏجڻ لڳا ته ماڻھو جي کلُ تي لباس چڙھيا، تهذيبن جو وجود پيو تڏھن کان شوق جي ابتدا ٿي، چيو وڃي ٿو ته شوق بادشاهن جي پيداوار آھي ملڪيت شوق جي سڪي جو ساڄو پاسو آھي! جي ايئن آھي ته بادشاهن جي دور کان اڳ به ماڻھو کائڻ پيئڻ کان علاوه جيڪا خفت ڪندو هو اهو به شوق جي دائري ۾ اچي ٿو، چون ٿا ته “جھنگ ۾ ماڻھو شڪار  پيٽ گذر کان علاوه رهڻ اٿڻ ويهڻ ۽ آرامده جي جڳهن لاءِ  به ڪندا هئا.”

اها ڳالھه ڪنهن حد تائين درست چئبي ته شوق کي باقاعده عروج بادشاهت ڏياريو، ماڻھو جڏھن کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ سميت هر شيءَ جي مزي ۾ مست الست ھوندو ته هن جي اندر ۾ شوق جو وجود جنمي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن سڃائي تي به شوق جاڳي پوندو آھي! يونان جي هڪ ڏاهي جو مشهور قصو آھي ته “يونان ۾ هڪ درٻار ۾ پلڪني نالي هڪ شخص ملازمت ڪندو ھو، هن ٽيهارو سال انهي درٻار جي ديوارن کي صاف ڪندي گذاريا! هي هڪ واقعي مان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن جي اندر ۾ باھه ڀڙڪو کائڻ لڳي ته اهو ڪم مونکي ڪرڻو آھي. اهو واقعو ھي هو ته درٻار ۾ بادشاهه وٽ هڪ فيصلو آيو هن ۾ گناهگار اهو گناھه ڪيو هو ته هن پنهنجي گهر جي مالڪياڻي سان دوستي نڀائيندي هن کي محل کان ٻاهر کڻي وڃڻ جي حرڪت ڪئي. يوناني درٻار به پنهنجون اٽڪلون ڪندي هن وڃي بادشاهه جي زال ۾ ھٿ وڌو! ٿوري دير ۾ هن همراھه کي هٿن پيرن ۾ زنجيرون ٻڌجي ويون هن کان پڇيو ويو ته تو اهڙو عمل ڇو ڪيو؟ هن روئيندي وراڻيو ته “ مونکي شوق ٿيو هو” ايتري ۾ بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي درٻار ۾ شينهن جي پڃري ۾ ڇڏيو وڃي هن جون ڀيانڪ رڙيون آئون پنهنجي ڪنن سان ٻڌڻ چاهيان ٿو. بادشاهه انهي ڏينهن پنهنجي رياست ۾ حڪم ڏنائون ته “شوق جيڪو ڪندو انهي کي سزا طور زنده شينهنَ کي هٿ پير ٻڌي ڏنو ويندو”.

شوق اجتماعيت کان انفراديت وارو چڱو چيو وڃي ٿو! ڇاڪاڻ جو انفرادي شوق عملي ۽ علمي ٻنهي شڪلن صورتن ۽ حالتن ۾ متحرڪ هوندو آھي. اجتماعي شوق فقط عملي هوندو آھي جيڪو گهڻو ڪري منفيت جي اثر هيٺ ھوندو آھي. عملي شوق نڀائڻ ۽ جيارڻ ڪونهي. عملي شوق جي زندگي جي بقاءُ منفيت تي منحصر ڪندي آھي!

شيڪسپيئر جا ڊراما جڳ ۾ اعليٰ درجي جي شهرت عزت ۽ اهميت ماڻي چڪا آھن. هن پنهنجي دور کي جياريو آھي اهو ئي علمي شوق آھي جيڪو پاڻ پنهنجي ذات سان گڏ اهو سماج اھُو دور به تاريخي ۽ شعوري طور زنده رهجي وڃي ٿو. شيڪسپيئر جي هڪ ڊرامي ۾ ڪلين نالي هڪ ڪردار هوندو آھي جيڪو ننڍي هوندي کان ئي شرارتي ۽ ڏنگو هوندو آھي. هي پاڙيسرين جي ٻارن کي تنگ ڪندو هو.هڪ ڏينهن هن جو والد هڪ نفسياتي ماهر وٽ هن کي کڻي ويو. ان ماهر هن کي ڏسندي ئي چيو ته هلي آ پاڻ الڳ ويهون ٿا. ڪلاڪ تائين ان ماهر ڪلين سان ڪچهري ڪئي ڪلين هن کي ٻڌايو ته مونکي اندر ۾ سڪون ڪونهي. ڇا محسوس ڪرين ٿو؟ مونکي اهو شوق آھي ته مان اڏرندڙ جهاز جي پرن کي هٿ لڳايان! پکين وانگر آسمان ۾ سير ڪريان، هي زمين بند ڪمرو مونکي ٺپ  پسند نه آهي . نفسيات جي ماهر ڪلين کي سمجهايو ته “شوق ٻار به ٿيندا آھن ته وڏا ۽ بالغ به ٿيندا آھن! تنهنجو شوق اڃان ٻار آھي بالغ ڪونهي، تون اسڪول پڙھه انجنيئرنگ جي شعبي ۾ سٺيون مارڪون کڻي پاس ٿي ته توکي پنهنجو شوق وڏو ڪرڻو آھي”. ڊرامي جو اختتام ايئن آھي ته ڪلين ان ماهر جي ڳالهين تي عمل ڪندي پائليٽ بنجي وڃي ٿو.

ڪلين جو هي مثال بيمثال آھي، انسان زندگي جي سمورن شعبن ۾ انهي کي اپنائي سگهجي ٿو. شوق سان پهريان نڀائبو آھي شوق تڏھن شوق نه ٿو ٿي سگهي جيستائين اوهان ذاتي طور تي انهي متعلق عملي طور سوڀارو نه ٿا ٿيو.

ول ڊيورانٽ کان ڪنهن پڇيو ته اوهان جو شوق دنيا جي مڙني تهذيبن کي ستن جُلدن ۾ سهيڙي لکڻ جو ڪيئن ٿيو؟ جيمس ڊاڪٽر ول ڊيورانٽ مسڪرائيندي جواب ڏنو ته“توهان شوق جي ڳالھه ڪئي آھي مان اوهان کي ٻڌايان ته شوق جو جنم ڪيئن ٿو ٿئي. شوق تڏھن شوق نه هوندو آھي جيستائين ان جي نفعي نقصان جو ڪاٿو نه هجي. شوق تڏھن شوق هوندو آھي جڏھن اوهان کي انهي شوق جي عمل بابت شعور هجي، اهميت ۽ حيثيت جي ڄاڻ هجي! انهي دڳ کي سهنجو ڪرڻ جو شعور هجي. مونکي شوق انهي ڪري ٿيو جو مونکي معلوم هو ته دنيا جي سمورين تهذيبن کي هڪ هنڌ علمي طور گڏ ڪرڻ هڪ بهترين ڪم چئبو  ۽ مون ۾ اهو ڪم ڪرڻ جي سگھه ۽ جستجو جي جرئت هئي انهي ڪري مون شوق ڪيو ۽ ڀرپور انهي سان نڀايو ۽ شوق مونکي جرئت ڏني آئون شوق جو ٿورائتو آھيان.”

ڊاڪٽر ول ڊيورانٽ ڪيڏي نه شاندار ڳالھه ڪئي ته شوق جستجو جي جرئت جنمي ٿو! پر شوق اُھو جنهن مان اجتماعيت جي شعوري علمي ۽ عقلي پرورش جو سامان موجود هجي.

وان گاگَ ڪمال قسم جو نقاد جنهن چيو ته “شوق ماڻھو کي ذھني طور تراشي ٿو،”جڳ مشهور فلڪيات جي ماهر اسٽيفن هاڪنگ چيو ته “جنهن پنهنجي زندگي ۾ علمي شوق نه رکيو اُھو جستجو جدوجهد ۽ کوجنائن جي قابل ئي ڪونهي”. رجنيش اوشو پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ چيو آھي ته “ مونکي شڪ جو بي انتها شوق آھي! شڪ مونکي فڪري وسعت فراهم ڪري ٿو. زندگي ۾ شڪ جي شوق جي وڏي اهميت آھي، مونکي گهڻا ماڻھو چوندا آھن ته توکي ڪارن گاڏين جو وڌيڪ شوق آھي پر مان چوان ٿو مونکي شوق فقط شڪ ڪرڻ جو آھي.”

دنيا ۾ شوق جو مُلهھ ئي ڪونهي. شوق ڏسَ به آھي ته دڳ به آھي. شوق جا عجيب قسم به ملندا آھن. سڌريل ملڪن ۾ ماڻھو جسم تي ٽيبوز ٺھرائي پيڙاءُ ۾ مزا وٺندا آھن پڇا ڪندا ته معلوم ٿيندو شوق آھي! شوق ۾ ماڻھو شاعر سڏرائڻ لڳندو آھي ڏيڍ سٽ لکندو آھي انهي ۾ فڪر جو داڻو ئي نه هوندو آھي! رديف قافئي جو ته ڪو فڪر ئي نه هوندو اٿن، ڀري محفل ۾ چوندو مان وڏو شاعر آھيان! شوق جا گهڻا ئي قسم آھن، پر اديب هجڻ جو شوق به سڀني کي ملھه ماريو بيهندي نظر اچي ٿو.ڳالهيون تحقيق ۽ کوجنائن جون هونديون پر ٿڌي ڪمري کان ٻاهر اصل ناهي ڏسڻو ۽ محسوس ڪرڻو ته آھي ئي ڪونه ته هن وقت موسمي صورتحال ڇا آھي! شوق ۾ ماڻھو ادبي نقاد به ٿي وڃن ٿا، پر اُھي پاڻ پڏائڻ وارا هوندا آھن. جيڪي ذاتيات تي حملا ڪري پنهنجا عطائي اوزار استعمال ڪندا آھن. اهي ادبي تنقيد جي شعور جي شهه جي ڄاڻ کان به ڪوهين ڏُور هوندا آھن. اهڙن شوقن مان شوق به بيزار ٿي تنگ ٿيو وڃي ٿو!

شوق هر شعبي تي حاوي ڏسجي ٿو. زندگي جي بقاءَ کان ويندي انتقام تائين شوق جوان رهي ٿو. شوق رکڻ وڏي ڳالھه ڪونهي شوق ۾ ھوش سنڀالڻ وڏي ڳالهھ آھي. شوق خراب به ٿيندا آھن پر اُھي شوق جي قابل ته هوندا ئي ناهن! شوق جي دنيا روشن تڏھن ٿيندي آھي جڏھن اهو علمي ۽ عملي ٻنهي طرفن کان برابر هجي. شوق اُھو ناهي جيڪو خالي پاڇو بڻيل هجي. شوق اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو بيٺل پاڻي ۾ ڪا لهر پيدا ڪري ذھن ۾ ڪا فڪري ولوڙ پيدا ڪري اندر جي آججڳاد جي وسيع دائري ۾ ڪا سرهاڻ جهڙي ماحول کي فڪري عطر سان فطرت جي ھر شاهڪار مظھرَ ۽ هر وجود کي معطر ڪري سگهي. ايئن تاريخ جي ڪاڳرن ۾ کوڙ قصا ۽ ڪهاڻيون شامل آھن، گهڻا ڏاها اديب ۽ فلسفي زنده آھن، جن اهڙا ته شاهڪار شوق ڪيا جو انهن موت کي به ماري وڌو!