ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ۾ ڳوٺ عبدالرحمان شر جي رھواسي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن ماڙي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صدام شر، پٺاڻ شر، فدا شر، علي گوھر، مسمات گوري ۽ ٻين چيو ته مسڪين آهيون، مال جو واپار ڪري پيٽ پاليون ٿا، پوليس اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي، ھنن چيو ته 5 ڏينھن اڳ پوليس بيگناهه ٽن ڄڻن پٺاڻ شر، فدا شر ۽ لالو شر کي کنڀي 20 رڍون کڻي وئي، هنن الزام هنيو ته پوليس 3 لک رپيا وٺي گرفتار نوجوانن کي آزاد ڪيو، جڏهن ته اڃا تائين رڍون واپس ناهن ڪيون. هنن مطالبو ڪيو ته زيادتين جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.