ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين جعفري ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جعفري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان شام الدين جعفري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي اطلاع تي پوليس پهچي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.