گھارو (ن پ ا) گھارو ٽائون ڪاميٽي گھارو جي ملازم عارف ملاح پاران پگھار نه ملڻ خلاف ننڍڙن ٻارن سان گڏ ٽائون آفيس گيٽ جي سامھون  بک ھڙتال ڪري احتجاج ڪيو. ھن چيو ته 3 مھينن کان پگھار نه ملي آھي مھانگائي جي دور ۾ بنا پگھار جي ٻچا بک ٿا مرن پر انتظاميا ٻڌڻ لاء تيار ناھي، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کيس 3 مھينن جي پگھار ڏني وڃي. ٻئي طرف ٽي ايم او گھارو عبدالغفور جاکرو ٻڌيو ته ملازم ڊيوٽي نه ٿو ڪري پوء به اسان جو وفد ملازم سان ڳالھيون ڪرڻ لاء پھتو آھي.