ملڪاڻي شريف (ن پ ا )اڳوڻو تعلقي ناظم ٽنڊوباگو فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ پير حامد علي شاھ راشدي 65 سالن جي عمر ۾  وفات ڪري ويو.  پير حامد علي شاھ راشدي جو ڪجھ ڏينھن اڳ بدين ڀرسان شاھين فلورمل وٽ ڪار ايڪسيڊنٽ ٿيو ھو جيڪو حيدرآباد جي پرائويٽ اسپتال ۾ داخل ھو جتي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو  اطلاع ملڻ تي ملڪاڻي شريف پنگريو ۽ ڀرپاسي  سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي مرحوم جي مڙه کي ڳوٺ پير حاميد شاه راشدي آندو ويو.