گهوٽڪي (رپورٽر) پبلڪ پارڪ گهوٽڪيءَ مرحوم سردار خان گهوٽو جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعا تي ڏيئا ٻاري مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ علي نواز خان گهوٽو،  شاهد گهوٽو، محمد نواز گهوٽو، وڪي خان، الهوڌايو شاھ، اشوڪ ڪمار، مکي ڪيڪا رام، مهيش ڪمار سميت مختلف برادرين جي ماڻهن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته سردار خان گهوٽو اصول پرست انسان هو. هن هميشه امن ۽ رواداريءَ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. تقريب ۾ سردار خان گهوٽو جي مغفرت لاء دعا پڻ گهري وئي.