قمبر (رپورٽر) قمبر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڳوٺ محمد بخش ڪوريجو، ڳوٺ محمد آچر پهنور جي رهواسين ٽريڪٽر ٽرالين تي چڙھي قمبر پهچي  ڀٽو چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  وهاب ڪوريجو. غوث محمد ڪوريجو.  علي جان پهنور ۽ ٻين چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب چوريون ۽  ڦرون معمول بڻيل آهن، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، غيرمحفوظ بڻيل آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.