گمبٽ: نجي اسڪول جي ماسترياڻي مبينا طور اغوا، شاگرد تي اغوا جو الزام

0
448
گمبٽ: نجي اسڪول جي

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ جي نجي اسڪول مان ماسترياڻي مبينا طور اغوا ٿي وئي، جڏهن ته اغوا ٿيل ناري جي امڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ناري جي امڙ غلام صغرا مرکنڊ جو چوڻ آهي ته ڌيءُ شائلا مرکنڊ اسڪول کان واپس گهر اچي رهي هئي ته جوابدار هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا

فريادڻ ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن ڌيءُ کي جنسي زيادتي جي ارادي سان اغوا ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شائلا مرکنڊ جي اغوا جي الزام هيٺ آيل شاهزيب راجپوت شاگرد آهي

وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته ماسترياڻي شائلا ۽ شاگرد شاهزيب راجپوت پيار جي پرڻي لاءِ گهران نڪتا آهن.