ڀارت جي ڪاليجن ۾ حجاب تي پابندي

0
226
سائنس جا استاد نه گھرجن!

گذريل مھيني ڀارتي رياست ڪرناٽڪا (جتي بي جي پي جي حڪومت آھي ۽ ڪرناٽڪا جي ٻارنھن سيڪڙو آبادي مسلمان آھي ) جي تعليمي ادارن ۾  مسلمان ڇوڪرين کي حجاب پائڻ کان روڪيو ويو آهي. ڊسمبر ۾ ڪرناٽڪا جي شھر اوڊوپي جي ھڪ ڪاليج ۾ ڇھه مسلمان ڇوڪرين کي ڪلاس ۾ ويھڻ کان اڳ پنھنجا اسڪارف ھٽائڻ تي مجبور ڪيو ويو ھو. ھڪ ٻئي شھر ڪنڊاپور ۾ ڇوڪرين کي حجاب سان ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ته ملي پر انھن کي الڳ ڪلاس ۾ ويھاريو ويو. جنھن کانپوءِ اتان جي مسلمان شاگردن  احتجاج ۽ انھي فيصلي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي . سوشل ميڊيا تي مسڪان نالي ھڪ ڇوڪري جي ويڊيو وائرل ٿي جيڪا ھندو انتھاپسندن خلاف مزاحمت جو استعارو بڻجي وئي آھي. ڪرناٽڪا جي بي جي پي حڪومت حجاب جي پابندي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ 5 فيبروري تي ھڪ آرڊر جاري ڪيو جنھن ۾ چيو ويو  ته “ جيئن ته ڪاليجن لاءِ ڪو به مقرر يونيفارم ڊريس ڪوڊ نه آهي. سڀني جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ گڏيل برادريءَ جي جذبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شاگردن کي ڪاليج انتظاميه پاران قائم ڪيل ضابطن تي عمل ڪرڻ گهرجي.”انھي کانپوءِ ڪرناٽڪ جي تعليم واري وزير بلور چندراشيکر نگيش ٽوئيٽ ذريعي چيو ته تعليمي ادارن جي ڊريس ڪوڊ ۾ حجاب تي پابندي ملڪ جي عدالتن جي فيصلي جي روشني ۾ لڳائي وئي آھي.

ھندوستان ۾ بي جي پي حڪومت طرفان مسلمان ۽ ٻين اقليتن کي مسلسل دٻائڻ جي ڪوششن سيڪيولر ڀارت جي دعويٰ جي نفي آھي. ڀارت ۾ اقليتن خاص ڪري مسلمانن  لاءِ ھڪ سوچيل سمجھيل منصوبابندي تحت ڏينھون ڏينھن زمين تنگ ڪئي پئي وڃي. ڀارت ۾ مودي حڪومت طرفان مسلمانن تي ظلم ۽ جبر جي صورتحال جو اندازو انھي ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته  تازو ئي جينوسائيڊ واچ جي باني ۽ ڊائريڪٽر گريگوري اسٽنٽن آمريڪي ڪانگريس کي بريفنگ دوران اڳڪٿي ڪندي چيو ھو ته ھندوستان ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي ٿي سگھي ٿي. ھندوستاني وزيراعظم نريندر مودي پاران 2019ع ۾ ھندوستان جي انتظام ھيٺ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ، جنھن سبب ڪشميري مليل خاص خودمختياري کان محروم ٿي ويا جيڪا انھن کي ستن ڏھاڪن کان حاصل ھئي ۽ ساڳئي سال شھريت واري ترميمي ايڪٽ جنھن ۾ مسلمانن کي ڇڏي باقي مذھبي اقليتن کي شھريت ڏيڻ جھڙين  پاليسين ۽ 2017ع ۾ روھنگيا مسلمانن خلاف ميانمار جي حڪومت جي تعصب پرست پاليسين وچ ۾ ڀيٽ ڪندي اسٽنٽن چيو نسل ڪشي ھڪ واقعو نه بلڪه پورو ھڪ عمل آھي.

نريندر مودي ڪھڙي نظريي جو قائل آھي اھو ڪنھن کان لڪل ناھي. گجرات فسادن کي ڀڙڪائڻ ۾ مودي جو ڪردار پڻ واضح آھي. جنھن ۾ ٻه ھزار کان وڌيڪ ماڻھن جون جانيون ضايع ٿيون جنھن ۾ اڪثريت مسلمانن جي ھئي. 2014ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ مودي  ملڪ ۾ اقليتن کي دٻائڻ لاءِ ڀرپور مھم ھلائي. ھن ڀيري ڊريس ڪوڊ جي آڙ ۾ حجاب تي پابندي ھڻي مسلمان شاگردن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. انھي کان پھرين نومبر 2021ع ۾ گرگائون ۾ مسلمانن کي عوامي ميدان تي جمعي جي نماز پڙھڻ کان روڪيو ويو. نه صرف مسلمان بلڪه ڀارت ۾ ٻيون اقليتون پڻ پاڻ کي غيرمحفوظ محسوس ڪري رھيون آھن. ڪجھه وقت پھرين بي جي پي سان لاڳاپيل ھڪ گروپ “بجرنگ دال” آگرا ۾ سانتا ڪلاز جي مجسمن کي باھه ڏئي ساڙي ڇڏيو. آسام جي رياست ۾ ھڪ ھندو، چرچ ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاھه ڪئي، ھريانا ۾  ھندو ويڙھاڪ گروهه مسيح جي مجسمي کي ٽوڙي ڇڏيو. مسلمانن خلاف بي جي پي ۽ ٻين ھندو انتھاپسند اڳواڻنجون  نفرت ڀريون تقريرون معمول بڻيل آھن. گذريل سال 2021ع ۾ ھندوستان ۾ مذھبي اقليتن ۽ انھن جي عبادتگاھن کي نشانو بڻائڻ جا لڳ ڀڳ 500 واقعا پيش آيا.

ھاڻي حجاب جي معاملي تي ڀارت ۾ نئون تڪرار شروع ٿي چڪو آھي. ڪرناٽڪ کان شروع ٿيندڙ اھو معاملو ھاڻي ٻين ڀارتي رياستن تائين پھچي چڪو آھي. حجاب تي بحث ڀارت ۾ اڳ به ٿيندو رهيو آهي. ويجھي ماضي ۾ حجاب جي حوالي سان ڪيريلا ھائي ڪورٽ جا ٻه مختلف فيصلا موجود آھن.

2015ع ۾ ڪيرالا ھائي ڪورٽ ۾ ميڊيڪل انٽرينس ٽيسٽ جي ڊريس ڪوڊ (جنھن ۾ حجاب تي پابندي لڳائي وئي ھئي) خلاف پٽيشن دائر ٿي ھئي. انھي فيصلي ۾ ڪورٽ ھدايت جاري ڪندي چيو ته مسلمان ڇوڪريون حجاب ڪري سگھن ٿيون پر امتحان جي شفافيت برقرار رکڻ لاءِ تلاشي به وٺي سگھجي ٿي.

2018ع ۾ ھڪ ٻئي ڪيس ۾ جنھن ۾ اسڪول پاران حجاب تي پابندي لڳائي وئي ھئي. انھي ڪيس جي فيصلي ۾ ڪيريلا ھائي ڪورٽ جي سنگل جج بئنچ فيصلو ڏيندي ادارتي فيصلي کي انفرادي حق مٿان اوليت ڏني ۽ پٽيشن کي خارج ڪيو. انھي فيصلي کي اڳتي چئلينج نه ڪيو ويو ھو.

ھندوستاني آئين مذھب جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو. ھندوستاني آئين جي آرٽيڪل 25 تحت ڪنھن به مذھب کي مڃڻ، انھي تي عمل ڪرڻ ۽ مذھبي تبليغ جي آزادي آھي. گڏوگڏ آرٽيڪل 25 ۾ اھو به واضح ڪيو ويو آھي ته امن امان، صحت ۽ اخلاقيات کي مدنظر رکندي پنھنجي مذھب تي عمل ڪري سگھو ٿا. ھاڻي سوال اھو آھي ته  ڇا حجاب پائڻ سان صحت يا اخلاقيات متاثر ٿئي ٿي؟ يا حجاب ڪنھن ٻئي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجي ٿو؟

مسلمان شاگردن پاران حجاب تي پابندي خلاف احتجاج ڪرڻ تي  ھندو تنظيم سان تعلق رکندڙ ڇوڪرا جوابي طور يگواشال پائي ڪاليج پھتا. انھي لباس سان به منھنجي خيال ۾ ڪنھن جي سيڪيورٽي ۽ سياست کي ھرگز به خطرو نه ھجڻ گھرجي.

ڪرناٽڪ ۾ ايجوڪيشن ايڪٽ 1983ع آھي. انھي مطابق سڀني شاگردن کي ھڪجھڙو لباس پائڻو آھي، اسڪول جي سڀني شاگردن کي ھڪجھڙي لباس ۾ حاضر ٿيڻو آھي. انھي قانون مطابق اسڪولن ۾ ڪنھن به رنگ، نسل يا مذھب جي بنياد تي امتياز نه ھجڻ گھرجي. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ڇا اھو فيصلو نج ڪاليج انتظاميه جو آھي؟ جيڪڏھن اھو فيصلو ڪاليج انتظاميه جو پنھنجو آھي ته پوءِ ايترو وقت انھي تي عمل ڇو نه ڪرايو ويو، ڪاليجن کي اچانڪ انھي ايڪٽ تي عمل ڪرائڻ جو خيال ڪيئن آيو؟

ڪاليجن جي انھي فيصلي جي حمايت ڪندڙ دليل ڏين ٿا ته يونيفارم جو مطلب آھي ته سڀني شاگردن جو ھڪجھڙو لباس، ته جيئن سڀئي ھڪجھڙا نظر اچن ۽ اھو اسڪولنگ ۽ برابري جو اصل معيار آھي.

جيڪڏھن برابري ئي ڪرڻي آھي ته پوءِ  ڇا ڪنھن سک کي اسڪول جي گيٽ تي روڪي پڳڙي لھرائي اسڪول ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي؟ ڇا ڪنھن جي پيشاني تي لڱل ٽڪي کي صاف ڪري اسڪول/ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ جو شرط رکيو ويندو؟ ڇو ته قانون سڀني شھرين لاءِ برابر ئي آھي.

ھڪ اھڙي ملڪ ۾ ڇوڪرين کي پنھنجي بنيادي مذھبي حڪم تي عمل ڪرڻ تي پابندي لڳائي پئي وڃي جنھن ملڪ جي ھڪ رياست جو وزيراعليٰ ھر وقت مخصوص مذھبي لباس پائي  ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي ساڌو ٿو سڏائي.

ڪنھن مذھب يا ذات کي پاسي تي ڪري، لباس انسان جو انتھائي ذاتي معاملو آھي. ڪنھن کي ڇا پائڻو آھي ڇا ناھي پائڻو، ڪا حجاب پائڻ ٿي چاھي، ڪا نٿي چاھي، ڪو جينز پينٽ پھرڻ ٿو/ٿي چاھي، ڪو شلوار قميض پائڻ ٿو/ٿي چاھي، اھو ھر انسان جي ذاتي مرضي ھجڻ گھرجي ۽ انھي ۾ ٻئي ڪنھن جو ڪو به عمل دخل نه ھجڻ گھرجي. حجاب پھرڻ کان روڪڻ به بلڪل ايئن ئي ناجائز آھي جيئن زبردستي حجاب ڪرائڻ، جينز پينٽ پائڻ تي پابندي يا ڪو مخصوص لباس پائڻ تي مجبور ڪرڻ آھي.

[email protected]