اسلام آباد: وفاقي ملازمتن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ ڪل 26481 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ٻهراڙي سنڌ سان تعلق رکندڙ 2352 آفيسر آهن، جن ۾ گريڊ 22 ۾ 3، گريڊ 38، گريڊ 20 ۾ 106، گريڊ 19 ۾ 262، گريڊ 18 ۾ 650 ۽ گريڊ 17 ۾ 1293 آفيسر شامل آهن، شهري سنڌ مان گريڊ 17 کان 22 تائين ڪل 1871 آفيسر مقرر ٿيل آهن، جن ۾ گريڊ 22 جا 6، گريڊ 21 جا 46، گريڊ 20 جا 80، گريڊ 19 جا 169، گريڊ 18 جا 554 ۽ گريڊ 17 جا 1016 آفيسر شامل آهن.گريڊ 22 ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪل 89 مقرر آفيسرن ۾ 56 پنجاب صوبي مان ۽ 16 خيبر پختونخوا، جڏهن ته بلوچستان مان رڳو گريڊ 22 جا 33 ڄڻا مقرر ٿيل آهن.