اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته رٿابندي وزارت جي 18هين گريڊ جي آفيسر قلب عباس پرڏيهي انٽيليجنس اختيارين لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پرڏيهي وزارت جي چيني ڊيسڪ تي ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ سرڪاري آفيسر پنهنجي ضمانت واري درخواست داخل ڪئي. عدالت ۾ جوابدار خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته رٿابندي وزارت جي 18هين گريڊ جو آفيسر قلب عباس 3 سالن کان پرڏيهي آفيس ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر هو ۽ پرڏيهي وزارت ۾ چائنا ڊويزن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو، جوابدار سفارتڪارن ۽ پرڏيهي انٽيليجنس ايجنسين جي عهديدارن سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ رياست جي تحفظ ۽ مفادن جي حوالي سان ڳجهي ڄاڻ ۽ دستاويز انهن کي ڏيندو رهيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ بيان ڏنو ته جوابدار کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي سيڪشن 3 ۽ 4 تحت داخل ڪيس ۾ حساس ڄاڻ ليڪ ٿيڻ جي الزامن کي منهن ڏيڻو پئجي رهي آهي. شاهدين مان ظاهر ٿئي ٿو ته درخواست ڏيندڙ پرڏيهي انٽيليجنس اختيارين جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان خلاف ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙين کان علاوه عوامي اعتماد جي ڀڃڪڙي تي قلم 409 به لڳايو ويو آهي. درخواستگذار جي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته منهنجي موڪل جي خلاف ايف آءِ اي ڪائونٽر ٽيرارزم ونگ 15 فيبروري 2021 تي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي. ايف آءِ آر ۾ بيان ڪيل ڪهاڻي ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي آهي، نوڪري جي نوعيت موجب ڊپلوميٽس سان ملاقاتون پروفيشن جو حصو آهن. عدالت جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. 4 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جاري ڪيو. جنهن ۾ عدالت رمارڪس ڏنا ته جوابدار تي پرڏيهي ڊپلومينٽ ۽ ايجنٽ سان ملاقات کان پوءِ حساس ڄاڻ ظاهر ڪرڻ جو الزام آهي.پراسيڪيوشن موجب جوابدار کان موقعي تي ئي رڪوري به ڪئي وئي ۽ جوابدار جو ميجسٽريٽ جي سامهون اعترافي بيان به رڪارڊ ٿي چڪو آهي. عدالت جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.