ڪٽي ٿو ڇڏي وقت عمر جون ڏوريون(حصو ٻيو)

0
264

عرب ۾ ته آڳاٽي وقت ۾ معمولي ڳالھه تان صدين تائين پيون لڙايون هلنديون هيون. گڏوگڏ اهي نياڻين کي زندھه دفن ڪندا هئا. حضرت محمد صلعم جن جي اچڻ کان پوءِ نه فقط عر ب ۾ علم، انسانيت، محبت، ڀائيچاري جي فضا قائم ٿي پر اها لاٽ ساري دنيا ۾ روشن ٿيڻ لڳي ۽ اسلام جهڙي عظيم مذھب جنم ورتو. اسلامي معاشري جي تشڪيل ٿيڻ شروع ٿي، انسان جي بت پرستي، باهه جي پوڄا، وڻن، جانورن ۽ دريائن جي پوڄا مان جان آجي ٿي. حوس، لالچ، ڪروڌ ۽ بي انصافي مان انسان آجو ٿيڻ لڳو. قرآن پاڪ جهڙو عظيم ڪتاب انسانن لاءِ وڏي ۾ وڏو رهبر ڪتاب جي صورت ۾ نازل ٿيو. ھدايت وٺندڙ انسانن ان پاڪ ڪتاب کي پڙهي هن زندگي ۾ به ڪاميابيون حاصل ڪيون ته اڳيون جهان به اجرو ڪيو. قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ کان اڳ به انسانن جي رهبري لاءِ آسماني ڪتاب نازل ٿيندا رهيا جن ۾ توريت، زبور ۽ انجيل اچي وڃن ٿا. اهي ڪتاب ۽ پيغمبر ڀٽڪيل انسانن کي صحيح دڳ تي آڻڻ لاءِ موڪليا ويا ۽ انهن ڪتابن ۾ رب تعاليٰ جي هيڪڙائي بيان ٿيل هئي. انهن ڪتابن ۾ اڳين ڀٽڪيل قومن جي تباهين جا به قصا بيان ٿيل هئا ته وري ڪامياب انسانن جا به قصا بيان ٿيل هئا. انهن وڏن ڪتابن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب مختلف ٻولين ۾ موجود هئا، ليڪن جنگين لڳڻ جي صورت ۾ اهي ڪتاب تباھه ڪيا ويندا هئا. جيئن ٻي صدي قبل مسيح ۾ جڏھن يونانين يروشلم تي حملو ڪيو ته انهن مقدس صحيفن کي ساڙائي خاڪ ڪري ڇڏيو يا وري جڏھن رومين سن 70ع ۾ يروشلم تي حملو ڪيو ته اهي ڪتاب پاڻ سان کڻي ويا. عهدناما قديم ۾39 ڪتاب ٻڌايا وڃن ٿا جن مان پنجن ڪتابن جي باري ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اهي حضرت موسيٰ جا لکيل آھن. انهن ڪتابن ۾ انساني زندگي گذارڻ جا نه فقط اهم گر سمجهايل هئا پر اهي ڪتاب اونداهن معاشرن ۾ ٻرندڙ ڏيئن جيان ھئا. ان هوندي به وقت جي بي انصافين، خونريزي ۽ ٻين بڇڙاين ڪري معاشرن ۾ جڏھن فاشزم وڌيو ٿي ته نه فقط انساني زندگي تباهه ٿيڻ ٿي لڳي ليڪن ان سان گڏ تهذيبون به نابود ٿي ويون ٿي، جنهن سان طبعي حالتون، آلات ۽ اوزار نظام جا فڪري احساس ۽ سماجي قدر پائمال ٿي ويا ٿي. دنيا جون قديم تهذيبون جيڪي جنگين، ظلمن ۽ ٻين براين جي ڪري ختم ٿيون انهن تهذيبن ۾ وادي سنڌ جي قديم تهذيب جنهن کي سواني تهذيب سڏجي ٿو، ان سميت آريا تهذيب، يوناني تهذيب، بابلي تهذيب، ايراني تهذيب، مغليا تهذيب ۽ ٻيون تهذيبون شامل آهن. انهن جا اڄ فقط تاريخ ۾ ذڪر ئي رهجي ويا آھن. تهذيبون قومن جي سڃاڻپ هونديون آھن، انهن جي ميٽجڻ سان انهن قومن جي الڳ سڃاڻپ ئي گم ٿي ويندي آھي. جيتوڻيڪ هن وقت مغربي تهذيب مشرقي تهذيب ۾ وچڙي ويئي آھي جنهن سان مشرقي تهذيب جي اعليٰ قدرن کي ڇيهو رسيو آھي تنهن ڪري قومن کي پنهنجو وجود برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي ثقافت، ٻولي ۽ ادب کي به زنده رکڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوي ٿوآئ0ن هن رولاڪ جي خودڪشي جي واقعي کان ٿيندو ظالم حاڪمن جي بري انجام جي واقعن تائين پهچي ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتو آهيان. ٻيهر پٺتي موٽان ٿو ته مون کي مڪلي تي گذاريل هڪ شام ٿي ياد پوي، جتي ٻين سنڌ جي حاڪمن جي مقبرن سان گڏ مرزا شاهه حسن جو مقبرو به آھي، تاريخ طاهري ۽ تحفت الڪرام ۾ ڪٿي مون پڙھيو هو ته هن سرزمين تي ڪيترن ئي ڌارين حاڪمن ڪاهون ڪري هتان جي بيگناهه ماڻھن کي قتل ڪري هتان جي تهذيبه، ادب کي تباهه ڪري هتي جا حاڪم ٿي ويٺا هئا جن ۾ سنڌ جو حاڪم مرزا شاهه حسن به هڪ هو، هو جڏھن عمر رسيده ٿيو ته هن خودڪشي ڪئي هئي. سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه حسن جي خود ڪشي جا ظاهري ڪارڻ ته معلوم نه آھن پر هن جا بداعمال ئي هن جي خودڪشي جا ڪارڻ بڻيا هوندا، ٻيو ته دهلي جي مرڪزي حڪومت جو ڍل جي معاملي ۾ هر وقت دٻاءُ ۽ رياست ۾ انتشار به خودڪشي جو ڪارڻ بڻيو هوندو ۽ اها حقيقت آھي. راجا هجي يا رعيت، هر ماڻھو کي سندس ئي عمل سامهون اچن ٿا. چڱائي جو نتيجو چڱائي جي صورت ۾ ۽ براين جو نتيجو براين جي صورت ۾ سامهون اچي ٿو. قاضي قاضن جي هن بيت وانگي:
سيئي سيل ٿيام، پڙھيم جي پاڻ لئي،
اکر اڀري اڳيان، واڳون جيئن وريام
مطلب ته هر عمل جو نتيجو انسان کي لوڙڻو پوي ٿو. هندو ڌرم ۾ به ان ڳالھه تي زور ڏنو ويو آھي ته چڱا ڪم ڪريو، برن ڪمن جو نتيجو هن زندگي ۾ ته لوڙيندا ليڪن ٻئي جوڻ ۾ به ان جو خراب اثر رهندو. خبر ناهي ڇو طاقتور انسانن ۽ حاڪمن کي اها ڳالھه پهرين سمجھه ۾ نه ٿي اچي جيڪڏھن اسين اها ڳالھه سمجهي چڱايون ڪرڻ شروع ڪريون ته هي جهان هوند بهشت بڻجي پوي ۽ اسان کي زندگي ۾ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پونهن رولاڪ انسان جي خودڪشي کي جيتوڻيڪ ڪيئي سال گذري ويا آھن، ليڪن اهو پتو پئجي نه سگهيو آھي ته هن ڇو خودڪشي ڪئي؟ خودڪشي هن جي عملن جونتيجو هئي يا وري عشق جي بيرحم ڀوڳنائن جو دٻاءُ ھئي. 
ڪٽي ٿوڪئنچي جيان 
وقت عمر جون ڏوريون ،
پونياڙي جي سج ۾ 
آءُ ته ڪجھه اوريون،
پونياڙي جي سج ۾.. (آخري حصو)