وٺي هر هر جنم وربو تي هڪ نظر!!! 

0
614

دنيا جي هر ڪم ڪار جو هڪ خاص سبب ضرور هجي ٿو. اهو سبب ڪارائتو هجي يا نه، اهو ماڻهو جي سوچ ۽ اوليت تي آهي. خاص طور تي سوشل ميڊيا جي تڪڙين وکن ۽ سنڌي اديبن ۾ مطالعي ۽ مشاهدي جي کوٽ سبب سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ ادب ۽  ان جي معيار تي ڪافي وقت کان وٺي سواليه نشان آيل آهي تنهنڪري سنڌي ڪتابن جي وڪري ۾ گهٽتائي پڻ تشويشناڪ آهي. اهڙي صورتحال کان پوءِ وري هڪ نئين ۽خطرناڪ صورتحال درپيش آهي. منهنجي خيال موجب اها آهي “ڪتابن تي تبصرن” جي ون وي ٽريفڪ!
جيترو تيزي سان ادب شايع پيو ٿئي، تبصرن جي ٽريفڪ انهي کان وڌيڪ آهي. تبصرن جي اهڙي ٽريفڪ جي گوڙ شور ۾ هڪ پڙهندڙ منجهي ٿو پوي . اڳ ۾ تمام گهڻ پڙهيو ماڻهو ڪنهن ڪتاب تي تبصرو لکندو هو ته هن ڪتاب ۾ آخر ڪھڙي نئين ۽ ڪارائتي ڳالهه آهي جنھن پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪايو آهي، ۽ انهي ڪتاب کيس ايترو ته متاثر ڪيو آهي جو هو ٻين پڙهندڙن کي به ڪتاب پڙهائڻ لاءِ مجبور ٿيو آهي. يا وري ايئن به ٿيندو هو ته ڪو گهرائي سان پڙهندڙ ڪتاب ۾ ڪنهن جهول طرف ڌيان ڇڪائي اصلاح جي ڪوشش ڪندو هو. پر هاڻي وقت مٽجي ويو آهي. هاڻي اڪثر ڪتابن جي تبصري ۾ اهڙيون ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون ته :
“اسان جي پياري دوست ۽  برک ڪهاڻيڪار مسٽر فلاڻي خان جو ڪهاڻين جو مجموعو آيو آهي، سندس مهرباني جو اعزازي ڪاپي سان نوازيائين”
“هن عظيم ڪهاڻيڪار سان منهنجي تمام گهڻي پراڻي دوستي آهي” 
“هن ڪتاب ۾ ڪُل هيتريون ڪهاڻيون شامل آهن”
“هن ڪتاب جو مُهاڳ سنڌ جي مُهاڳ اسپيشلسٽ مسٽر فلاڻي خان لکيو آهي ”
“هن ڪتاب جو واڌي مُهاڳ هڪ عظيم ڪهاڻيڪار جو لکيل آهي”

“هن ڪتاب جي فليپ ڪور تي فلاڻن، فلاڻن جا رايا شامل آهن تنهن ڪري ڪتاب کي چار چنڊ لڳي ويا آهن. ”
“هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل فلاڻي لکيو آهي ”
“هي ڪتاب ڪُل ملائي ڇاهٺ صفحن تي مشتمل آهي ”
“پڪي جُلد سان هن ڪتاب جي قيمت سِڪا رائج الوقت هڪ سو اسي روپيا آهي”
“هي ڪتاب فلاڻي پبليڪيشن طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي بڪ اسٽال تي موجود آهي”
ادب جي ڪهڙي به صنف هجي، صفا ڪنھن معمولي ڦير ڦار جي تقريبن ساڳيون ڳالهيون ڪتابن تي“ تبصرن ”جي نالي تي پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. 
شاعري جي ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ ته صفا آسان ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته شاعري تي تبصري ڪرڻ جي لاءِ صرف ڏهاڪو کن جملا کپن جيڪي سندس شاعري جي وچ ۾ رکجن جهڙوڪ“ اجھو هي غزل پڙهو ”،“ هي ته صفا آخري شاهڪار نظم آهي، اعتبار نه اچيوَ هي ڪجهه نئون ته ڪجهه پراڻو ٽيڙو پڙهي ڏسو ”،“ سائين جو شاعري ۾ پنهنجو الڳ اصلوب آهي” “سائين ڪنهن جي به واٽ ناهي ورتي” “سائين ڪنهن مان به متاثر ناهي ٿيو ”،“ سائين هي ڪتاب ڇپائي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي وڏو احسان ڪيو آهي ”
ناول تي تبصرو ڪرڻ جي لاءِ اهڙا جملا گهربل هوندا آهن ته “هن ناول کان پوءِ سنڌي ادب مان ناول جي کوٽ ختم ٿي وئي آهي”، “هي ناول هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ توهان کان سڀ ڪجهه وسري ويندو، ايتريقدر جو ناول مان هٿ ڪڍي ماني کائڻ لاءِ به دل نه چوندي ” “هن ناول جا ڪردار جيئرا جاڳندا ڪردار آهن”ڪهاڻي جي ڪتاب تي تبصري لاءِ“ ڪهاڻي کي گولي لڳڻ واري ڳالهه ضرور ڪبي” “هن مجموعي ۾ سموريون ڪهاڻيون ڇرڪائيندڙ آهن” جهڙا جملا ضروري هوندا آهن. آتم ڪٿا تي تبصري ۾ وري اهڙا جملا ضرور هوندا آهن ته“ هي آتم ڪٿا هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿي، سائين جن هي آتم ڪٿا لکي هڪڙي تاريخ رقم ڪئي آهي”. ڪجهه مهينا اڳ تلميذ الرحمان الحاج ول حاجي ساند ساڪن روحل واء عمر ڪوٽ سوشل ميڊيا تي هڪ اسٽيٽس رکي اعلان ڪيو ته جنهن وٽ به ماما جمن دربدر جي ڪا ناياب تصوير هجي ته ڏياري موڪلي سندس ايندڙ آتم ڪٿا ۾ شامل ڪنداسين.” ادب، سياست، قومپرستي، سوشل ميڊيا، ڪوڙ بدوڙ جي دنيا ۾ ڀڄ ڀڄان، وٺ وٺان، هڻ هڻان، ڊُڪ ڊڪان جي دور ۾ ماما جمن دربدر جي هي آتم ڪٿا “وٺي هر هر جنم وربو” حاجي ساند جي ذريعي مون تائين اعزازي ڪاپي طور پهتي آهي.
جنھن جي باري ۾ پهرين منهنجو خيال هو ته  لکندس هڪ اکر به نه، تبصرو مارڪيٽ مان“ ريڍي ميڊ” وٺي ايندس ، ان تبصري ۾ منهنجو هڪڙو جملو به شامل نه هوندو. پر هي آتم ڪٿا مڪمل پڙهي ان ڳالهه تان هٿ کنيم. 
 هاڻي اچون ٿا علي زاهد  جي اٿاهه  محنت سان آيل هن آتم ڪٿا تي جيڪا هن آڊيو رڪارڊنگ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندي آهي . هي تمام ڌيان طلب ڪم آهي.ٿي سگهي ٿو ته ٻيون به هجن پر اهڙي قسم جي هڪ آتم ڪٿا عبدالرزاق سومري جي منهجي ذهن مان گذري آهي جيڪا آڊيو رڪارڊنگ تان ڪتابي صورت ۾ آيل آهي. 
سنڌ ۾ ناولن سان گڏوگڏ هاڻي جيون ڪٿائون لکڻ جو به ڄڻ ته رواج پئجي ويو آهي. جيئن کوڙ سارن ناولن جي ضرورت ناهي، اهڙي طرح کوڙ ساريون آتم ڪٿائون به اهڙيون آهن جن جي ضرورت ئي ناهي. ڇاڪاڻ ته “همراهه” پ ٽ الف ۾ رهيو يا ڪنهن سرڪاري عهدي تي رهيو ته ڄڻ وڏو کيپ کٽيائين سو آتم ڪٿا لکڻ ڄڻ ته فرض ٿي وئي. پوءِ رپيٽيشن، پاڻ پڏائڻ واري آتم ڪٿا لکجي، شايع ٿي صرف ۽ صرف هڪ عدد آتم ڪٿا جو واڌارو ڪري ٿي، ٻيو ڪُل پيران دا خير. 
ماما جمن دربدر جي آتم ڪٿا ۾ آيل “منهنجي جيون ڪهاڻي” تي نظر وڌم، ماما جمن لکي ٿو ته “منهنجي هن جيون ڪٿا لکڻ جو سمورو سهرو سنڌ جي خوبصورت شاعر علي زاهد ڏانهن وڃي ٿو جيڪو روحل واءَ ۾ اچي رهيو هو ۽ هن ٻائيتاليهه ڪلاڪن جي منهنجي جيون اسٽوري رڪارڊ ڪئي هئي”. بئڪ ٽائيٽل به ماما جمن جي نالي سان ڏنل آهي جنھن ۾ لکي ٿو ته “هن ايڪٽيهه ڪلاڪن جي منهنجي جيون اسٽوري رڪارڊ ڪئي هئي”. 
هن آتم ڪٿا ۾“ جوڳي تي جڙاءُ”جي نالي سان مهاڳ تاج جوئي لکيو آهي توڙي جو هن آتم ڪٿا ۾ اهو ڪٿي به ڄاڻايل ناهي ته ڪو هن آتم ڪٿا جي نظر ثاني تاج جوئي ڪئي آهي پر پوءِ به صفحي نمبر ايڪيهه تي فوٽ نوٽ ۾ لطيف سرڪار جي بيت“ مٿي تن ترار سدا سانبيئڙن جي ” ۽ ان کان علاوه صفحي نمبر ٻياسي، ٽياسي، ٽيانوي، نوانوي، هڪ سو پنجيتاليهه، هڪ سو پنجهتر ۽ هڪ سو ٽياسي تي فوٽ نوٽ تاج جوئي لکيا آهن جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن آتم ڪٿا تي نظرثاني تاج جوئي ڪئي آهي . مزاحيه شاعر پروفيسر عنايت علي خان جو هڪ شعر آهي ته “ايڪ دن تيري ٽانگ ضرور ٽوٽيگي عنايت ، تو هر ايڪ ڪي مسئلي ۾ ٽانگ اڙاتا ڦِرتا هي ”سو ايڪٽيهه يا ٻائيتاليهه ڪلاڪ رڪارڊنگ واري چُڪ تاج جوئي جي کاتي ۾  وجهڻ گهرجي.
هي آتم ڪٿا باقي آتم ڪٿائن کان الاهي مختلف ۽ دلچسپ آهي
هڪ ته هي آتم ڪٿا اجائي پٽاڙ تي مبني ناهي، ضروري ۽ دلچسپ واقعن تي مشتمل آهي. ڇاڪاڻ ته هي آتم ڪٿا آڊيو رڪارڊنگ تان لاٿي وئي آهي تنهنڪري اجاين وڏن جملن جي بجاءِ ننڍن ننڍن جملن تي مشتمل آهي، تنهنڪري هي آتم ڪٿا پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ته هي ڪتاب پڙهي نه پر آڊيو رڪارڊنگ ٻڌي رهيا آهيون.
هن آتم ڪٿا جي شروعاتي بابن ۾ آسان ٻولي ۾ ٿر جي جاگرافي بيان ڪئي وئي آهي، جيڪا ٿر کان ٻاهر رھندڙ ماڻهن لاءِ الاهي آساني سان گڏوگڏ دلچسپي جو به سبب بڻجندي. رزق جي تلاش ۾ نڪتل ماما جمن دربدر عشق جي ور چڙهي “عربي وارو دربدر جي بجاءِ سنڌي وارو دربدر” بڻجي ميرپورخاص کان وٺي لاهور وڃي نڪتو. هن آتم ڪٿا جي هن باب “منهنجو پهريون عشق، منهنجي دربدري” جي هر سِٽ تجسس وڌائي ٿي ۽ اڃان اڳتي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿي ته فلمن جي شوقين ماما جمن دربدر جي عشق جي ڪهاڻي جي ڪٿي ٿي پڄاڻي ٿئي. محبوب سائين ملي ٿو يا نه؟ يا مورڳو اڃان ئي ڪا ٻئي ٽريجدي يعني مصيبت سامهون ٿي اچي بيهيس!ماما جمن دربدر جي سڃاڻپ هڪ شاعر واري آهي پر سندس هن آتم ڪٿا ۾ شعر و شاعري ۽ مشاعرن جي بجاءِ سندس هڪ آرٽسٽ هئڻ جو ڪافي ذڪر ملي ٿو. جنھن ۾ هو سڪرنڊ ڪاليج کان وٺي امر ڪوٽ ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ ڪيل ڊرامي جو ذڪر به فخريه انداز سان ڪري ٿو. جنھن ۾ ماما جمن دربدر شاگردن، مزدورن ۽ هوٽل جي بئرن سان گڏجي ڊرامو پيش ڪري اوڻيهه سو ستر ۾ ڪاليج جي لاءِ اٺهٺ هزار گڏ ڪري يقينن هڪ ڪارنامو سرانجام ڏئي ٿو. ماما جمن دربدر هڪ فقير منش ماڻهو آهي، سندس هن آتم ڪٿا ۾ ڪرايو به نه هئڻ جو جا بجا ذڪر آهي، پئسي جي اڻ هوند واري مصيبت کي هر ڀيري فنڪاراڻي انداز سان شڪست ڏيئي اڳتي وڌندو رهي ٿو. آڻ نه ٿو مڃي. سٺ ايڪڙ زمين ملي ٿي پر ماما جمن ۽ مجرم لغاري ٺڪرائڻ پسند ڪري پنهنجو ڳاٽ اوچو رکن ٿا. اهڙا ماڻهو ورلي پئدا ٿين ٿا. آتم ڪٿا به اهڙن ماڻهن کي لکڻ گهرجي. 
سندس سياسي سفر ۾ نالا مٽائي تقريرون ڪرڻ يا شعر پڙهڻ وارو ذڪر به ڏاڍو دلچسپ آهي. سندس سمورو سياسي سفر به سندس زندگيءَ وانگر دلچسپ آهي. ماما جمن دربدر جي آتم ڪٿا “وٺي هر هر جنم وربو” اهڙي ته شاندار آتم ڪٿا آهي جو مون اهڙي آتم ڪٿا اڳ ۾ نه پڙهي آهي ڇاڪاڻ ته جيئن آئون مٿي ان ڳالهه جو ذڪر ڪري آيو آهيان ته هي آتم ڪٿا هرو ڀرو جو پنجاھه سالن جي ڳاهه ڳهڻ وارين خبرن تي قطعي طور مبني ناهي. پنهنجي علائقي جي سرسري طور خبر چار، سندس جنم، کيس يادگيرو پوندڙ بيماريون مصبيتون، سندس تعليم، ڳڀي جي ڳولا، عشق جي دربدري، سياسي سفر، چئن چڱن سان ياري، پوليس ۽ ايجنسين جا ڏچا. مطلب ته سڀ ڪم جون ڳالهيون هن آتم ڪٿا ۾ آيل آهن. 
پڙهڻ کان پري ڀڄندڙ دوستن کي واپس آڻڻ جي لاءِ اهڙيون آتم ڪٿائون ڪافي مفيد ثابت ٿينديون.