بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو، ۽ بي پھچ سنڌي عوام  

0
245

6جون 2021ع  تي بظاهر ته اعلان ھو، بحريا ٽائون جي ناجائز ڌرتيءَ جي والار خلاف ،جتان جي زمين دٻڙ دئونس يا ڏاڍ ۽ ڏمر سان  ڏوڪڙ پائيءَ جي اگھه تي  خريد ڪري ڪروڙن جي اگھه تي وڪڻي پئي وڃي  . بحريا ٽائون جي ھينئر تائين ڪاٺوڙ وٽ اندازن، 68ڪلوميٽرن  تائين والار ٿي چڪي آهي ، اڃان وڌيڪ ڪيئي ڪلوميٽرن تائين والار جو ارادو اٿن ، لڳي ٿو ته ملڪ رياض جا بلڊوزر ڪنهن راڪاس جيان ڪاھيندا پيا اچن. نه چادر چوديواري جو فڪر ، نه نياڻين ۽ ننگن جو احترام ،  بس ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي انڌي  گهوڙي تي سوار ھي تھذيب ڪش ترقي رڪجڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي . ڇو ته سنڌ سرڪار ان جي مالڪن جو کين آشيرواد حاصل آهي ۽ اهي حصيدار به آهن.   
    ملڪ رياض  خود به شطرنج جو اھڙو کلاڙي آهي، جنهن جي ڪنٽرول ۾ پاڪستان جاسڀ سياسي مھرا آهن. سڀني سياسي پارٽين ، پ پ پ ، مسلم ليگ ن، مسلم ليگ ق، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون به کوڙ ساريون پارٽيون   ۽  ھن ملڪ جا مقتدر ادارا، ۽ صحافين  جي وڏي اڪثريت   ،  اڃان به وڌيڪ  چوڻ وارا چون ٿا ته انصاف جا علمبردار به انھيءَ ننگي حمام مان گذريل آهن .   تنھن ڪري اھڙي پيسن جي ATM مان ڪو به ھٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهي . ڇو ته انھن سڀن لاءِ گھاٽي جو سودو ثابت ٿيندو .  بحريا ٽائون تي احتجاج  ڪندڙن بي پھچ ۽  اٻوجھه  سنڌي ماڻھن ،  جن جي ڪو به داد رسي ڪرڻ وارو نه آھي ، صدين کان جن جا ابا ڏاڏا ان ڌرتيءَ جا مالڪ ھئا .    تن سان پاڪستان ٺهڻ کان وٺي مسلسل ڌوڪو ڪيو ويو آهي.
   پھرين 1940ع جي قرارداد پاس ڪري ، دلاسو ڏنو ويو ته توهان ئي سنڌ ڌرتي جا اصل وارث آھيو ،  جڏهن به مرڪز جي ناجائزي محسوس ڪيو ته خودمختيار آهيو پر،   مسلم ليگ سياست جا اصل واڳ ڌڻي 1946ع ۾ ان ڳالھه تان به ڦري ويا.  
       تازي ماضيءَ کان وٺي ،جڏھن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ، اھا به محترمه جي شھادت کان پوءِ  ڀيل ۾ لڳي پئي آهي.    ڪڪ بيڪ ڪميشن ، منٿلي ، چائنا ڪٽنگ ، ٿاڻن تان منٿلي، ۽ ھيڏي ساري سنڌ جي بجيٽ جو نه اتو نه پتو ، نه پير نه کر،  نتيجي۾ ڪو به منصوبو عوامي ڀلائيءَ وارو شروع نه ٿي سگھيو آھي.
70  سالن کان لاڳيتو محرومين ، ناانصافين ، بي روزگارين سان مھاڏو اٽڪائيندي اٽڪائيندي ، سنڌي ماڻهن جي اڪثريت  ڄڻ رضا ۾ راضي رھڻ جي عادي ٿي وئي آھي ،  باقي ڪجهه حصو آهي جيڪو پنھنجي نٻل جسم سان تقدير بدلائڻ لاءِ راھون تلاش ڪري رهيو آهي.
      ھي جيڪوقومپرستن جو ڪمزور اتحاد ٺھيو آھي ، اصل ۾ غريب، بي پھچ ، سڌي سادي سنڌي ماڻهن کي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر خلاف ، ھڪ اميد جو ڪرڻو محسوس ٿيڻ لڳو ھو.
سنڌ جو عوام سندرا ٻڌي ان  جدوجھد ۾ ڪاھي پيو . جن کي نه ته اھا خبر ھئي ته تعميراتي شعبي سان خاص ڪري بحريا ٽائون سان آصف زرداري جو ڪھڙو ۽ ڪيترو واسطو آهي ، ۽ پيپلزپارٽي ڇالاءِ اسان غريبن جي ڪکاون گھرن، جتي اسان جا ابا ڏاڏا صدين کان رھيا پيا آهن ، انھن گھرن کي ڊاهڻ لاءِ رياض ملڪ سان ٻٽ ٿي بيٺي آهي ،  انھن ماروئڙن کي ته محترمه جو دور ۽ غريب پرور سوچ ياد ھئي ، انھن کي اھا خبر نه ھئي ته ڪو ، محترمه کان پوءِ پيپلزپارٽي جا تيور ئي بدلجي ويا آھن.
      بحريا ٽائون جي خلاف ڌرڻي لاءِ لڳي ايئن ٿو ته قومپرست ڌرين  جي ڪابه تياري نه ھئي ،  نه دشمن جي سازشن خلاف رٿابندي ، نه پنهنجي ڪجهه جذباتي ماڻهن کي روڪڻ جي رٿابندي .    نه ته ھن ڌرڻي سان اھا اميد جاڳي ھئي ته ڌرتي دشمنن جا مد مقابل ، ميدان ھموار ڪري رھيا آھن ، پر شايد خواب ساڀيان ٿيڻ جو اڃان وقت نه آيو آھي . نيلسن منڊيلا جي ڏيھه ۾ ته عيسائي مشنري جي مدد سان انگريزن ان ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو هو ، پر ھن دؤر۾ ، جڏهن سنڌ کي سوين مشڪلاتون وڪوڙيون بيٺيون آهن ، اتي پنھنجي ووٽ تي چونڊجي آيلن ھٿان ڌرتيءَ جي والار ڪرائي پئي وڃي ،  ڀڳڙن مٺ تي ڌرتيءَ جي نيلامي ، جيڪا رڪجڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي ،  ته پوءِ آخرڪار اصل ڌرتي ڌڻين کي الائي ڪھڙي کوھه ۾ اُڇلايو ويندو.
     سنڌ سڳوري ته اڳ۾ ئي گھڻ پاسائين غلاميءَ ۾ وڪوڙيل آهي ،  آمريڪا جي غلامي ،  مقتدرادارن جي غلامي ، وفاقي حڪومت جي ناجائزي،  سرمائيدارن جي غلامي ،  جاگيردارن جي غلامي ، ان کان پوءِ ننڍا وڏيرا، مير ۽ پيرن جي غلامي .
          پر ،ڏکي ۾ ڏکي غلامي جيڪا ھتان جي جاگيردار ۽ وڏيري جي آھي ، جيڪا سنڌي عوام جي ڳچيءَ جو ڳٽ آھي.
اھي ئي جاگيردار ۽ وڏيرا،  پيسي جي طاقت  ۽ ڪمدارن جي چالبازين سان پارليامينٽ ۾  پھچي وڃن ٿا، ھوڏانھن عوام به پنھجن حقن  يا مسئلن کان اڻڄاڻائي جي ڪري، ڪنھن به سياستدان آڏو به نه ڪو مسئلو رکن ٿا، نه ئي ڪو احتجاج ، ڄڻ ته انھن جا سڀ مسئلا حل ٿيل آھن، ان ڪري ووٽ به اکيون ٻوٽي ڀوتار کي ڏيندا پيا اچن ، نتيجي۾ ڀوتار بنا رنڊڪ جي  پارليامينٽ تائين  پھچي وڃي ٿو،  ۽ وڏي واڪي عوام جي حمايت جي دعوا ڪري ٿو . پوءِ جھموريت جو چيمپئن ۽ عوام جو اڪيلي سر نمائندو بڻيو ويٺو آهي، اھوئي ڀوتار ھن دؤر۾ چاھي ڪھڙي به پارٽي سان آهي ھڪ ئي  منشور تي  عمل پيرا آهي ته صرف ۽ صرف پنھنجا کيسا گرم ڪرڻا آهن .
       سنڌ جي تعليم ھٿ وٺي تباھه ڪئي ويئي آهي ، ان ڪري ھر سال رڳو سکڻيون ڊگريون وٺي نوجوان نڪرن ٿا، جيڪي   ڪجھه شاگرد  پنھنجي محنت سھاري،  ڪميشن ۾ ويھن ٿا ، پر اتي به رشوت ۽ سفارش جي بازار ايتري ته گرم  آهي،  جو غريب
جي ٻار جو پاس ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيوآهي. لڳي ايئن ٿو ڄڻ  رشوت خورن ۽ ڏوھاري مافيائن جو ھڪ گڏيل ۽ مضبوط گروهه ٺھي پيو آهي.
      ھاڻي حقيقي وچون طبقو ، جنھن کي قوم جي وصفي بيھڪ بيھارڻي آھي، جاگيرداري صفتن کي ڇڏي ڪري ، سرمائيداريءَ ڏانھن وک وڌائڻي آهي ، تعليم کي عام ڪري وچين طبقي جي عددي اڪثريت ڪرڻي آهي ، عورتن جي حقن جي حفاظت ڪرڻي آهي ، انساني حقن جو ڀرجھلو ٿيڻو آهي ، سرمائيڪاري کي ھٿي وٺرائڻي آهي، ته جيئن بيروزگاريءَ کي ٻنجو اچي، فيملي پلاننگ تي عمل ڪرائڻو آھي ،  پر لڳي ٿو ته اسان جي پارليامينٽرين جي اوليت ۾ اھي ڪم نه آهن ، ان مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته ، ھتي جيڪو وچين طبقي جي روپ ۾ پارليامينٽ تائين پھتل ڀوتار آھن ، اھي جاگيرداري جي باقيات آهن ۽ اھي پنھنجي بيھڪ کي ڇڏڻ لاءِ ھرگز تيار نه آھن ،   ڇو ته جاگيردار ۽ ان جي طاقت جا مرڪز انهن ڀوتارن کي پارليامينٽ ۾  پھچايو ڇڏين. اصولي طور انھيءَ وچين طبقي ۽ پيسي وارن تي فرض لاڳو پيو ٿئي ته سنڌ جي مختلف ضلعن۾ سرمائيڪاري ڪن ، ان جي نتيجي۾ وڏي مقدار۾ روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا ،  سنڌ ۾ ھڪ بھترين مارڪيٽ ٺھندي ، ايڪسپورٽ امپورٽ جا دروازا کلندا. پر اسان جو حڪمران طبقو ايئن ڇو ڪندو . جڏھن ته بجيٽ،  ڪميشن ، چور بازاري مان ھنن جون عياشيون جاري آهن، پوءِ ڇا جي لاءِ سرمائيڪاري جو خفو کڻندا.  غريبن کي سولائيز ڪري ، پنهنجي مدمقابل آڻي اجايو پنهنجي مٿي جو سور ڇو وڌائيندا.   ھاڻي اصل رام ڪھاڻي اھا آھي.
قومپرست ڌرين کي گھرجي ھا ته،  ڪراچي۾ رھي ، انھن سنڌين جا ڀرجھلا ٿي بيھن ھا ، ڪيسن کي منهن ڏين ھا ، ATC  ڪورٽن۾ نوجوانن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيھن ھا ، ته نوجوانن جو اعتماد وڌي ھا ، انھن ۾ خودداري وڌي ھا. ھاڻي لڳي ٿو ته وري نئين سر قومپرستن کي ابتدا ڪرڻي پوندي ، سڄي سنڌ جو دؤرو ڪري ، نئين سر نوجوانن ۾ روح ڦوڪڻو پوندو . ھاڻي ته پارليامينٽرين کي جواز ملي ويو ته قومپرست ترقي جا دشمن آهن ، سو اھي پنھنجن حرڪتن کان نه مڙندا.
ھاڻي ھمٿ ۽ ٻڌي جي ضرورت آ ،  عوام جي در در تي وڃي سنڌ جي صحيح مسئلن جي پرچار جي ضرورت آ.
   بس سچائيءَ مستقل مزاجيءَ جي ضرورت آ. 
ڪنڌيءَ اڀيون ڪيتريون، ساهڙ ساهڙ ڪن
ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي گھوريس ڪيو گھڙن
ساھڙ سندو تن،گهاگهائي گھڙن جي .
                 لطيف سرڪار