ڪورونا ويڪسينيشن ۽ اجائي پروپئگنڊا

0
324
پڄي پاڻ کان ڪونه، ڦٺ لعنت گوڏن تي

ڪورونا ويڪسينيشن ڪرائڻ خلاف مھم وارين ڳالهين ۽ وڊيوز جي رد ۾ اڳ ۾ ئي هڪ ڪالم لکي چڪو آهيان جيڪو هن اخبار ۾ ڇپجي به چڪو آهي. پر ڪورونا جهڙي خطرناڪ وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن سان گڏ جڏهن سڄي دنيا ۾ ويڪسينز تيار ۽ دستياب ٿي چڪيون آهن ۽ ويڪسينيشن جو عمل به پنهنجي زورن سان جاري آهي ته انهن خلاف باهه به ٻري پئي آهي ته مهرباني ڪري ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرايو ڇاڪاڻ جو سندن راءِ مطابق هنن جا فائدا گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ آهن. گذريل ڪيترن ئي هفتن کان هڪ وڊيو جنھن ۾ ھڪ ڪينيڊين سِک ڊاڪٽر ڪنھن ھندوستاني مائي سان گڏجي ڪورونا ويڪسينيشن خلاف مھم جوئي ۾ اڳيان اڳيان آهي. هي وڊيو ڪافي عرصو اڳ مون ڏانهن ڪنھن موڪلي ھئي. ان کانپوءِ به ٻيا کوڙ دوست اها ساڳي وڊيو موڪليندا رهن پيا ۽ وڊيو ۾ بيان ڪيل موقف جي جيڪڏھن ڪا اهميت وغيرهه ھجي به ھا ته ھن وقت تائين ضرور ھي مِٽجي وڃي ھا. جڏهن مون پھريون ڀيرو ھن کي بار بار ڏٺو هو ته منھنجي ذھن ۾ به شڪ ۽ سوال پيدا ٿيا هئا ۽ مان هن وسوسي ۾ ٻڏل رهيس ته ٿي سگهي ٿو ته ھي سچ چوندو ھجي ڇاڪاڻ جو وڊيو ۾ موقف ڏيندڙ ڪو عام ماڻهو نه پر سند يافتا ڊاڪٽر آهي. هن قسم جا وسوساتي سوال شايد توھان جي دماغ ۾ به آيا ھوندا سو انھن سوالن ۽ انديشن کي سامهون رکي ۽ انهن جي وضاحت جي لاءِ مون وري ھن وڊيو کي ڏسي انٽرنيٽ تي موجود وڊيوز ۾ بيان ڪيل دعوائن متعلق مواد کي پڙهي ڏٺو ته جنهن “نينو ٽيڪنالاجي” ۽ “اسپائيڪ پروٽين” کي خطرناڪ ثابت ڪرڻ لاءِ هي ڊاڪٽر سندرو ٻڌي بيٺو آهي انھن جي باري ۾ انٽرنيٽ تي بي شمار ڪالمز، سوالن پڇڻ جا مقابلا، تحقيقي مواد موجود ته آهي پر ان کي پڙھڻ سمجھڻ ۽ ھضم ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي.
سادن لفظن ۾ته نينو ٽيڪنالاجي تي ڪافي عرصي کان بيمارين جي علاج ۽ تشخيص جي لاءِ پريڪٽس ڪئي پئي وڃي. ھن ۾دوائن، شعاعن، لهرن، روشني کي ھڪ آئسوٽوپ يا راڊن جي صورت ۾ جسم ۾ اھڙي نموني سان داخل ڪيو وڃي ٿو جو اھا دوا صرف پنھنجي هدف تي ئي وڃي ان بيماري کي ڌڪ هڻي ٿي ۽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري ٿي. نه ٻين خلين يا ٽشوز تي ڪو سائيڊ افيڪٽ يا نقصان ڪرڻ جو انديشو ھوندو آھي ۽ نه ئي وري هن کان پريشان رهڻ جي ڳالهه آهي. نينو ٽيڪنالاجي واري ويڪسين به اينٽي باڊيز ٺاھڻ وارن T- lymphocyte کي ئي هدف بڻائي ٿي ۽ انھن کي اينٽي باڊيز ٺاھڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. ٻين خلين تي ھن جو ڪوبه اثر نه ٿو پئي.
اسپائيڪ پروٽين جي لاءِ به مون نيٽ تي پڙھيو ان لاءِ به جيڪا پروپئگينڊا ھلي رھي آھي ان کي به رد ڪيو ويو آهي. ھي چون ٿا ته ان جا برا اثر ظاھر ٿيڻ جو انديشو آهي. ڪجھه ڊيٽا سيمپلز به ڏيکاري رھيا آھن ۽ ڪجھه مثال به پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪا ھنن جي ڊيٽا سيمپلنگ آھي اھا آمريڪا مان ورتل انگن اکرن تي ٻڌل آھي ۽ جي ايئن آھي به ته ان جو ثبوت ڪٿي آهي. گھٽ ۾ گھٽ نيٽ ۽ ميڊيا تي ان قسم جا انگ اکر منهنجي نظر مان نه گذريا آهن. جيسيتائين سائيڊ افيڪٽس جو تعلق آهي ته اهي هر دوا سان ساڻ ھوندا آھن ۽ ويڪسينز به ته ميڊيسن جي دنيا سان تعلق رکي ٿي نه ڪي هن کي آسمان مان منٿون ڪري هيٺ گهرايو ويو آهي. آمريڪا ۾ ماڊرونا ۽ بايوٽيڪ به، نينو ٽيڪنالاجي جي تحت فائيزر ۽ آمريڪا جي ويڪسين ٺاھڻ واري تحقيقي اداري جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهن. ھنن کي پاڪستان ۾ اڃان استعمال به نه ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۾، جيڪي ويڪسينز هڪ ڪروڙ کان مٿي ماڻهن کي لڳي چڪيون آهن اهي ھتي به ته ڪجھه نقصان ڪن ھا. ھتان جي ميڊيا جا ماڻهو ڪٿي به ڪجھه ٿئي ٿو ته اتي جو اتي ان کي ٽي وي تي گھٽ، پر پنهنجي ڪلھن تي رکي ھوڪا ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪري ھر گھر ۾گهر ڀاتين سان گڏ ويھي ڪنن ۾ رڙيون ڪري ٻڌائڻ سان گڏ ۽ هي ٻارڻ ٻاري چڪا هجن ھا ته هي ظلم ته ڏسو اسان جون حڪومتون ماڻهو پيون مارين .
بل گيٽس تقرير ڪندي هي امڪان ظاهر ڪيو هو ته دنيا جي آبادي گھٽائڻ لاءِ ويڪيسنيشن يا صحت جي شعبي ۾ علاج جي ڪجهه اھڙن طريقن کي دريافت ڪري سگهجي ٿو جن سان آبادي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. بل گيٽس واري وڊيو به ڪافي پراڻي آهي. بل گيٽس ان وقت تقرير آبادي کي گھٽائڻ لاءِ ڪئي ھئي نه ڪي آبادي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ. ان کي به ھنن ڪورونا ويڪسينيشن سان سلهاڙي ڇڏيو آهي. مون ته جڏھن ھن سک ڊاڪٽر واري وڊيو کي ڏسي نيٽ تي پڙھيو ته ڳالهه ٻولهه سمجھه ۾اچي ويئي ته ھي مستقبل ۾ ويڪسينيشن سان ٿيندڙ برن اثرن جو ٻڌائي پاڻ کي ۽ ڊاڪٽرز کي ويڪسينيشن نه ڪرائڻ جو مثال ڏيئي اھو ظاھر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن ته انهن جي سائيڊ افيڪٽس جي اڃان تائين ڪا پڪ ناھي ان ڪري في الحال نه ھڻائجي. ان جو مطلب ته جي ڪو ڪتي جو کاڌل ماڻهو، جنھن کي هي پڪ ناھي ته ڪتو ڇتو به ھو يا نه، ان ڪري ويڪسينيشن نه ڪرائڻ گھرجي. ڪتي جي ڏاڙهڻ متعلق ميڊيڪل سائنسز جون واضح ھدايتون موجود آهن ته ڪتو جي ڇتو نه به هجي تڏهن به ويڪسينيشن ڪرائڻ گھرجي.
ھن وقت جيڪا صورتحال آھي اها هي آهي ته ڪورونا ھڪ حقيقت آهي ۽ ان مان انسان کي موت جي منهن ۾ وڃڻ، عام عوام کي معاشي تباھي کان بچائڻ ۽ زندگي جي سرگرمين کي جاري رکڻ جي لاءِ ويڪسينيشن ڪرائڻ ئي بھتر عمل آھي. ڇا اسان کي ڀلا هي خبر آهي ته ڪورونا بيماري سبب ڪير مرندو ۽ ڪير بچندو، ڪير پنهنجو علاج ڪرائي مڪمل صحتياب بڻجي پنهنجي کاتي ۾ واپس اچي ٻيهر پنهنجي ذميوارين کي نڀائڻ ۾ لڳي ويندو؟. ميڊيڪل پريڪٽسز ۾ ڪڏهن ڪڏهن اھڙين دوائن جو استعمال ايمرجنسي ۾ڪرڻو پوندو آهي جن جا اڳتي هلي خراب اثر پوڻ جا امڪاني انديشا ھوندا آھن پر ترجيح زندگي بچائڻ کي ڏني ويندي آهي. جي ماءُ جي بدلي پيٽ ۾ ٻار جي موت ٿيڻ جو امڪان ھوندو ته ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ جو ماءُ بچندي ته ٻيو ٻار وري به پيدا ٿي سگهي ٿو. جڏھن سائرا بانو ھڪ ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري ھئي ۽ ڊاڪٽرن جڏهن دليپ ڪمار کي ماءُ ۽ ٻار جي جوکم جي باري ۾ ٻڌايو ته دليپ ڪمار سائرا بانو کي بچائڻ لاءِ ھميشه جي لاءِ ٻار نه پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏني هئي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مشهور معروف ايناٽومي جي پروفيسر ميڊم ناصرا حيدر قاضي ۽ گائني جون پروفيسرز، ميڊم بلقيس، ميڊم آفتاب شاهه، ميڊم رضيا انصاري اسان کي ميڊيڪل سائنسز کي پڙھائڻ وقت اھو ئي ڪجھه ٻڌائينديون ۽ سمجهائينديون رهنديون هيون .
سڄي ڳالهه جو تت هي آهي ته سک ڊاڪٽر پاران آبادي گھٽائڻ واري خوف ۽ امڪاني سائيڊ افيڪٽس جي پڪ نه هجڻ کي سامهون رکي ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائڻ واري صلاح جيڪڏهن صحيح آھي ته چين جي آبادي ھن وقت هڪ خطرناڪ حد تائين گھٽجي وئي آهي ان ڪري چين وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ والدين کي ھمٿائي رھيو آھي ته پوءِ ويڪسينيشن ڇو ڪرائي ھا. ان سان ته چين جي آبادي ۾ گھٽتائي اچڻ جو امڪان ھو. ھر ملڪ جي ميڊيڪل ريگيوليٽري اٿارٽيز جي اجازت سان گڏ ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن جا اجازت ناما ۽ اپيلون، سرٽيفڪيٽس نيٽ تي ڏسي ۽ پڙھي سگھجن ٿا. ھڪ ڏهه نمبري مولوي جو بغل ۾ چقمق رکڻ واري وڊيو ياد ڪيو ته توھان، مون پاران، ان مولوي کي ڏهه نمبري لکڻ ۽ ڪالم جي آخري سٽ ۾ سندس ذڪر ڪرڻ تي اعتراض به ڪونه ڪندئو.