ڪي اين شاهه پوليس پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن تي ڪڙڪي پئي، پوليس الزام هنيو آهي ته مظاهرين ۽ شهرين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو

آبادگارن جي ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي ڪيتري ئي دير تائين ٽرئفڪ معطل رهي، جنهن سبب مختلف شهرن کان ايندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون

آبادگارن جو چوڻ آهي ته رائيس ڪئنال ۽ اُن مان نڪرندڙ شاخن جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، آبپاشي عملدار پاڻي جي چوري ۽ وڪري ۾ ملوث آهن، پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڦُڙي لاءِ تڙپن ٿا

آبادگارن دانهيو ته پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪرڻ گوليون هلايون ويون، شاخن  ۽ واهن ۾ پڇڙي تائين پاڻي نه ملڻ جي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي