پنو عاقل ۾ ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ: 2 نوجوان قتل

0
199

پنو عاقل ڀرسان مهر ۽ جتوئي ڌُرين ۾ خوني جهيڙي دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي

ڪچي جي علائقي شاهه ٻيلو ۾ ڌرين هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ياسين مهر ۽ اسلام جتوئي ٿڌي تي مارجي ويا، جن جا لاش سول اسپتال سکر منتقل ڪيا ويا آهن

ڌُرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ باوجود پوليس حرڪت ۾ نه آئي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌُرين ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تان تڪرار هلندڙ هو