ڪينيڊا: اسلامو فوبيا جو هڪ وڌيڪ واقعو، مسجد ۾ گھڙندڙ ٻه ڄڻا گرفتار

0
342

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جو هڪ وڌيڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت ۽ مرد مسجد ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڌماڪيدار مادو لڳائڻ سوڌو انتظاميه کي سنگين ڌمڪيون ڏنيون، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي گادي واري شهر ٽورنٽو جي علائقي اسڪار بورو ۾ قائم اسلامڪ انسٽي ٽيوٽ آف ٽورنٽو ۾ هڪ عورت ۽ مرد زبردست داخل ٿيڻ جي ڪوشش جنهن تي ماڻهن فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏنو، ميڊيا رپورٽس موجب اکين ڏٺي شاهدن جو چوڻ آهي عورت ۽ مرد طرفان ڌماڪيدار مادو لڳائڻ ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون جنهن تي پوليس کي گهرايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مسجد ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻنهي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته انهن جي قبضي مان ڪنهن به قسم جو هٿيار يا ڌماڪيدار مادو ناهي مليو، امڪان آهي ته ٻئي ماڻهو نشي ۾ ڌت هئا، جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته گذريل هفتي ڪينيڊا ۾ هڪ شدت پسند مذهبي تعصب جي بنياد تي پاڪستاني خاندان کي ٽرڪ سان ڪچلي خاندان جي 4 ڄڻن کي ماري ڇڏيو هو.