ٽنڊوڄام (ن پ ا) زرعي ماهرن چيو آهي ته ڪيلي جا ٿڙ ۽ پن ساڙڻ سان ماحولياتي آلودگي پکڙجي ٿي . ان ڏس ۾سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ميزباني هيٺ ڪيلي جي ٿڙن ۽ فضلي مان مختلف شيون تيار ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ڏينهن وارو آگاهي سيمينار ڪوٺايو ويو، وائيس چانسلر ڊاڪتر فتح مري چيو ته ملڪ اندر ڪيلي جي ٿڙن ۽ فضلي جي صورت ۾ 25 لک ٽن ساليانو باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو، هن چيو ته ٿائلينڊ سميت ڪيترائي ملڪ ڪيلي ۽ چانورن جي فضلي مان مختلف پراڊڪٽ تيار ڪري مارڪيٽ ڪندا آهن، جنهن سان اهي ملڪ وڏو ناڻو ڪمائي رهيا آهن، سماجي اڳواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ باوجود هتي زرعي صنعت جو رجحان نه هجڻ برابر آهي، هن چيو ته پاليسي ٺاهيندڙ ادارن کي زرعي صنعت کي هٿي ڏيارڻ طرف توجهه ڏيڻ گهرجي، جنهن سان ملڪ جي جي ڊي پي ۾ اضافو ٿيندو، سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ سيد نديم شاھ چيو ته ملڪ اندر زرعي زمين ڏينهون ڏينهن گهٽجندي پئي وڃي، ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ زرعي ماهرن کي اڳيان اچڻو پوندو، جيڪي آبادگار کي زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ ان مان تيار ٿيندڙ پراڊڪٽ بابت آگاهي ڏئي سگهن، جنهن سان آبادگار کي فائدو حاصل ٿي سگهي، اسڪالر شوڪت ابڙو پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته دنيا ڪيلي جي باقيات مان ڪپڙو، ڪاغذ، نامياتي ڀاڻ ۽ ٻيون ناڻو ڪمائيندڙ شيون تيار ڪري وڪرو ڪري ناڻو ڪمائي رهي آهي، پر هتي لکين ٽن ڪيلي جي فضلي کي ساڙيو پيو وڃي، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته ايگرڪلچر لنڪيج پروگرام، پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي گڏيل سهڪار سان ڪيلي جي فضلي مان مختلف مصنوعات ٺاهڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي، جنهن بابت يونيورسٽي جي شاگردن ۽ آبادگارن کي ان مشينري جي هلائڻ ۽ پراڊڪٽ تيار ڪرڻ بابت سکيا ڏئي ويندي.