ڪوٽ بنگلو ۾ نوجوان جو پيءُ، گهرواري ۽ سهري تي تشدد، پاڻ کي بليڊ سان جهير ڏئي ڇڏيا

0
293

ڪوٽڏيجي (رپورٽ: امير گوپانگ) ڪوٽ بنگلو ۾ غلام مصطفيٰ پٺاڻ پنهنجي گهرواري ماريا ڪنگو کي مارڪٽ ڪري رهيو هيو ته ايتري ۾ سندس سهرو محمد امين ڪنگو به اچي پنهنجي ڌيءُ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان پنهنجي پيءُ سميت سهري تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، سندس سهري جا ڪپڙا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، سندس زال جي رڙين تي پاڙي وارن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس نوجوان غلام مصطفيٰ پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته نوجوان جو پيءُ مولوي ظھير پٺاڻ ڀڄي ويو، ناري ماريا ڪنگو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سس ۽ سهرو وڏا ظالم آھن، جيڪي منهنجي مڙس کي ڀڙڪائي مون مٿان تشدد ڪرائيندا رهن ٿا. هن چيو ته مڙس مارڪٽ ڪري رهيو هو ته منهنجو بابا به ان وقت پهچي ويو، ان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ظالمن هن کي به نه بخشيو، رڙين تي پاڙيوارن پهچي اسان جي جان بچائي آھي. ناري الزام لڳايو ته ساهريجن منهنجو سمورو ڏاج کپائي ڇڏيو آھي، ڀيڻ مون وٽ ترسيل هئي ان کي به ظالمن ماري الائي ڪٿي اڇلايو آهي؟ پوليس پهچڻ تي منهنجي مڙس پاڻ کي بليٽ سان جهير ڏنا، الزام مون تي لڳائي رهيو آهي، هاڻي ڇا به ٿي پوي؟ بس پنهنجي بابا سان گڏ رهنديس، ڇوٽڪارو چاهيان ٿي. هوڏانهن ڪوٽڏيجي پوليس ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڇوڪري کي ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين، پوءِ سندس مرضي آھي ته هو پنهنجي مڙس سان گڏ رهي يا مائٽن ڏانهن وڃي.