نوٽيس موڪلڻ غلطي هئي، معافي ورتي وڃي: سليم مانڊوي والا

0
392

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ڪنهن به پارٽي کي حق نه آهي ته ٻئي پارٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري، مولانا صاحب اڳ ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪري ها ته ڪا به پارٽي پي ڊي ايم ڇڏي نه وڃي ها، اسلام آباد جي احستاب عدالت ۾پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته مان نٿو سمجهان پي ڊي ايم ٽٽي آهي، هي اختلاف آهن، بلاول ۽ اي اين پي کي نوٽيس ڏيڻ غلطي هئي، معافي گهرڻ سان ڪير به ننڍو ناهي ٿيندو، جيڪڏهن نوٽيس موڪلي غلطي ڪئي وئي آهي ته معافي ورتي وڃي. هن کان اڳ سليم مانڊوي والا خلاف ڪڊني هل ريفرنس جي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ هي عدالت ۾ پيش ٿيو، سليم مانڊوي والا عدالت کي ٻڌايو ته درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي، جيڪا عدالت هن جي استدعا منظور ڪندي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو..