ڪير به اقتدار ۾ اچي، ترڪي افغانستان سان گڏ بيٺو آهي: طيب اردگان

0
205

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته طالبان جي طرفان تحمل ۽ اعتدال پسند وارن بيانن کي ڀيلڪار ڪيون ٿا، جيڪو به اقتدار ۾ اچي ترڪي افغانستان سان گڏ بيٺو آهي. هن چيو آهي ته طالبان اڳواڻن سان ملڻ جي لاءِ تيار آهيان، ايندڙ ڏينهن ۾ افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان جرمن چانسلر انجيلا مرڪل ۽ روسي صدر ولاديمر پيوٽن سان به ڳالهيون ڪنداسين.

طيب اردگان جو چوڻ آهي ته ترڪي هاڻي به ڪابل ائيرپورٽ جي حفاظت لاءِ تيار آهي ۽ هن حوالي سان سڀني ڌرين سان گڏ ڳالهيون هلي رهيون آهن. واضح رهي ته 15 آگسٽ تي طالبان افغان جي گادي واري شهر ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو هو، جڏهن ته ملڪ جي صدر اشرف غني ويجهي ساٿين سوڌو فرار ٿي ويو هو.ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد طالبان طرفان عام معافي جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو هو ته ڪنهن کان به انتقام نه ورتو ويندو..