ڀارت جي حالت ان ڇوڪري جهڙي آهي جيڪو خوامخواهه موچڙا کائي اچي گهر روئيندو آهي: اڳوڻو ڀارتي ڪرنل

0
295

ڪراچي(م ڊ) ڀارتي فوج جي اڳوڻي اهلڪار ۽ دفاعي تجزيي ڪار پاڪ فوج ۽ آءِ ايس آءِ کي مبارڪون ڏنيون آهن.

ڀارتي فوج جي اڳوڻي اهلڪار ڪرنل ڌنوير سنگهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ آءِ ايس آءِ پاڪستان کي يوم آزادي تي وڏو تحفو ڏنو آهي، جنهن تي هو مبارڪباد جا مستحق آهن.

ڀارت جي دفاعي تجزيي ڪار ڪرنل ڌنوير سنگهه وڌيڪ چيو ته ڀارت جي حالت ان ڇوڪري جهڙي آهي جيڪو ٻن پهلوانن جي لڙائي ۾ خوامخواهه موچڙا کائي اچي گهر روئيندو آهي آهي..