ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا جي چوٿين لهر 60 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 5661 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن بعد ڪورونا متاثرين جو انگ وڌي 77409 ٿي ويو، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 9.06، سنڌ ۾ 12.5، ڪراچي ۾ 21، حيدرآباد ۾ 14 ، پنجاب ۾5.8، لاهور ۾ 7.5، راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو رهي، ٻئي پاسي ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر، ڊائو اسپتال جو اوجھا ڪيمپس، سنڌ گورنمينٽ چلڊرن اسپتال، نيو ڪراچي، لياقت آباد، خالق ڏنو هال، لياري جنرل اسپتال ۾ سائنوفارم، سائنو ويڪ ۽ ايسٽروزينيڪا ختم ٿي ويون آهن، ڄاڻايل اسپتالن ۾ رڳو ٻيو ڊوز لڳايو پيو وڃي، جڏهن ته پهرين ڊوز لاءِ ايندڙ شهرين کي موٽايو ويو آهي. مختلف اسپتالن ۾ پرڏيهه ويندڙن کي موڊرنا جو ڊوز لڳايو پيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسان پاڻ ڪنهن ملڪ يا اداري کان ويڪسين خريدنه ڪندا آهيون، اسان کي وفاقي سرڪار ويڪسين ڏيندي آهي، جيڪا اسان عوام کي مفت ۾ لڳائيندا آهيون، ترجمان وڌيڪ چيو ته ويڪسين اچڻ ۾ هڪ هفتو لڳي ويندو. ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته اسان وٽ ويڪسين لاءِ ايندڙ شهرين جون قطارون لڳل آهن، وفاقي سرڪار اسان کان ڀلي پيسا وٺي پر ويڪسين مهيا ڪئي وڃي. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ 2 لک 90 هزار ماڻهن ويڪسين ڪرائي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ 50 کان 60 هزار ماڻهو ويڪسين لڳرائي رهيا هئا. اسان هر هنڌ ويڪسين سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن، موبائل وينون پڻ ڪم ڪري رهيون آھن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي اين سي او سي کان 89 لک ڪورونا ڊوز مليا آهن، جڏهن ته 74 لک ڊوز لڳايا ويا آهن. ٻئي طرف سنڌ سرڪار ڪورونا کان بچاءِ واري ويڪسين لاءِ عملي جي کوٽ سبب تعليم کاتي جي عملي کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان جاري ڪيل سرڪيولر مطابق جتي به ڪورونا کان بچاءِ لاءِ ويڪسين ڪندڙ عملي جي کوٽ آهي، اتي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي عملي کي مقرر ڪيو وڃي، تعليم واري سيڪريٽري پنهنجن ماتحت عملدارن کي پابند ڪيو آهي ته اهي تعليم کاتي جي عملي کي مقرر ڪن.کپري ۾ تعليم کاتي جي ٽي اي او غلام مصطفيٰ لغاري جو ڀاءُ استاد محمد موسيٰ لغاري حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.