ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪشمير معاملي تي پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي، گڏيل قومن جي قرارداد مطابق ڪشميرين کي ووٽ جي استعمال جو حق ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ حقيقت ۾ تحريڪ انتشار آهي، هنن سدائين سنڌ خلاف سازشون ڪيون آھن، وفاق صوبن جي قانوني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪري. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مودي سرڪار ٻن سالن کان ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي. عالمي برادري کي انهي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هن چيو ته مهانگائي ۾ ڪجهه ئي عرصي ۾ 1.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، يوٽيلٽي اسٽورن تي سبسڊي ختم ڪئي وئي آهي، کير، چانور ۽ ماني مهانگي ٿي آهي، وفاق قيمتن تي ڪنٽرول ڇو نٿو ڪري؟ گيس، پيٽرول ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آھي، ھن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ڪروڙن جي گاڏي ۾ ويهي ڪري ڪنهن ڪيميرامين کان وڊيو ٺهرائي چوندو رهيو ته عوام مطمئن آهي، هن وزيرعظم کي مخاطب ٿي چيو ته وزيراعظم صاحب! راجا بازار وڃو ها ته خبر پئجي وڃي ها ته مهانگائي جي شرح ڇا آهي؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ به سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي مختلف سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ماضي جا سليڪٽڊ حڪمران بعد ۾ رجيڪٽڊ ٿيا. هن چيو ته سنڌ حڪومت امن امان جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي،ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ امن امان تي ضابطو آندو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ردو بدل وزيراعليٰ جو اختيار آهي،. مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ سازشي سياست مان نڪري ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي ته بهتر ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته منشيات جا وڌيڪ نالا پي ٽي آءِ کي خبر هوندا.