ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران سرڪاري آفيسون معمول موجب صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين ليل رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري جي منظوري بابت سرڪاري آفيسن جي وقت بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو تائين حاضري رهندي جڏهن ته ماڻهن جي غير ضروري اچ وڃ تي پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عدالتي معاملن واري ڪمن سانگي ايندڙ ماڻهن کي آفيسن ۾ اچڻ جي اجازت هوندي.