اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) سمورن ٽي وي چينلن کي ڪراچي اور سنڌ يا ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪيترن ئي شهرين سيٽلائيٽ ٽي وي چينلن خلاف شڪايتون داخل ڪرايون هيون ته هو پنهنجي بليٽن ۽ پروگرامن ۾ ڪراچي ۽ سنڌ چئي سنڌ جي ورهاڱي جو تاثر ڏئي رهيا آهن. ان لاءِ سمورن چينلن کي هدايت ڪجي ٿي ته اهي ڪراچي ۽ سنڌ بدران ڪراچي سميت سنڌ جو لفظ استعمال ڪن ته جيئن ماڻهن جي دل آزاري نه ٿئي ۽ صوبي جي ورهاڱي جو تاثر به نه جڙي.