اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ايم  ڪيو ايم جي اقبال محمد علي جي وفات سبب خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 240 ڪورنگي تي ٿيندڙ ضمني چونڊن جي حوالي سان تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، ترجمان اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڄاڻايل تڪ تي 14 مئي واري ڏينهن نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال ۽ اسڪروٽني جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ڪل 42 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جن مان 3 جا فارم رد ٿي ويا، ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ 39 اميدوار ميدان ۾ آهن، 23 مئي تي اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ جاري ڪئي ويندي، 24 مئي تائين اميدوار هٿ کڻي سگهندا، 25 مئي تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ٿيندا، 16 جون تي ڄاڻايل تڪ ۾  چونڊ ٿيندي.ان تڪ تي ڪل ووٽرن جو تعداد 5 لک 20 هزار 227 آهي، جنهن ۾ مرد ووٽر 2 لک 90 هزار 101 ۽ عورت ووٽر 2 لک 30 هزار 126 رجسٽرڊ آهن، ڪل 309 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ عورتن لاءِ 97، مردن لاءِ 97 جڏهن ته عورتن ۽ مردن لاءِ گڏيل پولنگ اسٽيشنون 115 قائم ڪيون ويون آهن، ڪل 1236 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 618 مردن  ۽ 618 عورتن لاءِ پولنگ بوٿ شامل آهن.