سکر(بيورو رپورٽ) روھڙي جي مشهور صوفي درگاھ بيدل بيڪس جي مالڪي تان ٻيهر اختلاف شروع ٿي ويا، ان  سلسلي ۾ درگاھ جي گادي نشين ميان اعجاز قريشي الزام مڙھيندي چيو آھي ته روھڙي جو اسسٽنٽ ڪمشنر درگاھ تي فتنو ڦهلائڻ چاهي ٿو، عدالتي حڪم نامي جو بهانو بڻائي 3 ڏينهن اڳ درگاھ تي چڙهائي ڪئي، اسان جو پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق آهي، اليڪشن ويجهي ايندي ئي اسان کي سياسي طور تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسسٽنٽ ڪمشنر پوليس سان گڏ درگاھ تي چڙهائي ڪري درگاھ جي مسافر خاني، درگاھ جي ڪٽهڙي، آڊيٽوريم، پارڪ ۽ مسجد جا تالا ڀڃي ٻيا تالا لڳائي ڇڏيا آهن، ھن چيو آھي تہ عدالت جي فيصلي کي اسان اعليٰ عدليه ۾ چئلينج ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جيڪو اسان جو آئيني حق آهي، ان حوالي سان اسان ڊپٽي ڪمشنر کي درخواست به ڏني آهي، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي کي به هدايت ڪئي آهي، تنهن باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر روھڙي سياسي مخالفن جي چرچ تي اسان کي ناحق تنگ ڪري رهيو آهي.