سنڌ تونسا ۽ گڊو جي وچ ۾ پاڻي جي چوري کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

0
180
پاڻي کوٽ
سنڌ تونسا ۽ گڊو جي وچ ۾ پاڻي جي چوري کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي آبپاشي وزير تونسا ۽ گڊو جي وچ ۾ پاڻي جي چوري کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته سائنس بنيادن تي ثبوت ڏنا اٿئون ته پاڻي کوٽ پويان ڪهڙا ڪارڻ آهن

ھن چيو تھ  پاڻي جي چوري ۽ کوٽ خلاف دانهون ڪريون ٿا، پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، وفاقي سرڪار کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان خلاف سازش ٿي رهي آهي

ڄام خان شورو چيو تھ وزيراعظم پاڻي جي چوري وارو معاملو پاڻ ڏسي، پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ ۾ ڏڪار ڪر کنيو آهي، هاڻي ته پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ناهي

صوبائي وزير چيو تھ پنجاب ٽي-پي لنڪ ڪئنال هاڻي کان ئي کولي ڇڏيو آهي، پنجاب جو سيڪريٽري ڪنهن جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي