ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ صحت کاتي ڪورنگي جنرل اسپتال ۾ 9 مهينن دوران مريضن کي 2 ڪروڙ رپين جو کاڌوکارائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر نديم اختر شيخ جي سربراهي ۾ ڊاڪٽر عارف رشيد ۽ ڊاڪٽر حسن جلباڻي تي ٻڌل رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي. ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 9 مهينن دوران اسپتال ۾ داخل ٿيل مريضن، بسترن جي دستيابي، کاڌي جي معيار ۽ ٻين سهوليتن جو جائزو وٺي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏئي.